اي اين ايف پاران منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائيون، هڪ ڪروڙ 73 لک روپيا ماليت جي منشيات هٿ، 8 جوابدار گرفتار

اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ هڪ ڪروڙ 73 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 118.33 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر تي اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ تي بحرين ويندڙ مسافر جي سامان ۾ …

اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ هڪ ڪروڙ 73 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 118.33 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر تي اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ تي بحرين ويندڙ مسافر جي سامان ۾ اوون مان 5.038 ڪلوگرام آئس هٿ ڪئي وئي. پشاور ايئرپورٽ تي جده ويندڙ مسافر جي سامان ۾ جذب 3.953 ڪلو آئس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. فيڊرل بي ايريا ڪراچي ڪوريئر آفيس ۾ اٽلي موڪلي ويندڙ پارسل ۾ ڊسپوزيبل ڪپ مان 1.34 ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي. راوي ٽول پلازه لاهور ويجهو گاڏي مان 36 ڪلو چرس، 600 گرام آفيم هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. تربت ڊسٽرڪٽ ڪيچ ويجهو گاڏي مان 45 ڪلو آفيم، 9 ڪلو چرس، 9.45 ڪلو آئس هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. سپر هاءِ وي ڪراچي موٽر سائيڪل سوار جي قبضي مان 6 ڪلو چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. ويلج ابڙو ڊسٽرڪٽ سکر ويجهو جوابدار جي قبضي مان هڪ ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو. ڪلفٽن ڪراچي پارڪ ويجهو جوابدار جي قبضي مان 950 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي. ڪارروائين جو منشيات روڪٿام ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي.