اسلام آباد-01 آگسٽ(اي پي پي) وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا ملڪ اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي ڪٽنب سان تعزيت ڪئي آهي. انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وزارت مان جاري ٿيل تعزيتي بيان ۾ شزه فاطمه خواجا چيو ته ملڪ اقبال چنڙ جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. مرحوم جي وفات سان ملڪ هڪ سينيئر ۽ مخلص اڳواڻ کان محروم ٿي ويو. هن …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا پاران ملڪ اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آگسٽ(اي پي پي) وفاقي وزير شزه فاطمه خواجا ملڪ اقبال چنڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي ڪٽنب سان تعزيت ڪئي آهي. انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وزارت مان جاري ٿيل تعزيتي بيان ۾ شزه فاطمه خواجا چيو ته ملڪ اقبال چنڙ جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. مرحوم جي وفات سان ملڪ هڪ سينيئر ۽ مخلص اڳواڻ کان محروم ٿي ويو. هن مرحوم جي ايصال ثواب ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي.











