ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ پاران وارهه تعلقي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جو دورو

لاڙڪاڻو- 01 آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ وارهه تعلقي جي مختلف علائقن، جن ۾ ڳوٺ مصري جُج، ڳوٺ جکر ۽ سومرا محلا وارهه شامل آهن، جو دورو ڪري اتي جاري مختلف ترقياتي اسڪيمن تي ٿيندڙ ڪمن جي اڳڀرائي ۽ معيار جو تفصيلي جائزو ورتو. دوري دوران ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس، ڊپٽي ڪمشنر کي هر اسڪيم جي دائري ڪار، فزيڪل ۽ مالي اڳڀرائي، ڪم جي معيار ۽ اسڪيمن …

لاڙڪاڻو- 01 آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ وارهه تعلقي جي مختلف علائقن، جن ۾ ڳوٺ مصري جُج، ڳوٺ جکر ۽ سومرا محلا وارهه شامل آهن، جو دورو ڪري اتي جاري مختلف ترقياتي اسڪيمن تي ٿيندڙ ڪمن جي اڳڀرائي ۽ معيار جو تفصيلي جائزو ورتو. دوري دوران ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس، ڊپٽي ڪمشنر کي هر اسڪيم جي دائري ڪار، فزيڪل ۽ مالي اڳڀرائي، ڪم جي معيار ۽ اسڪيمن جي امڪاني مڪمل ٿيڻ جي تاريخن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جاري ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪندي لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملدرآمد ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ سموريون اسڪيمون منظور ٿيل اسپيسيفڪيشنز ۽ معيار مطابق مقرر وقت اندر مڪمل ڪيون وڃن. هن زور ڀريو ته تعميراتي ڪمن جي معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي اسڪيمن کي هر صورت ۾ مقرر مدي اندر مڪمل ڪيو وڃي، ته جيئن انهن جا فائدا جلد کان جلد مقامي آبادي تائين پهچي سگهن.