لاڙڪاڻو- 01 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي بعد دهشت جي علامت بڻيل 80 لک روپين جي انعام لاءِ سفارش ٿيل ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. رتوديرو ٿاڻي جي حد شاهه جو لاڙو واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي بعد فرار ٿيندڙ ڌاڙيل وفاقي سول حساس اداري جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي، زخمي حالت ۾ گرفتار …
لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي بعد هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 01 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي بعد دهشت جي علامت بڻيل 80 لک روپين جي انعام لاءِ سفارش ٿيل ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. رتوديرو ٿاڻي جي حد شاهه جو لاڙو واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي بعد فرار ٿيندڙ ڌاڙيل وفاقي سول حساس اداري جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي، زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ شير خان عرف شيرو ڏاھاڻي جي طور تي ٿي آهي، ڄاڻايل ڌاڙيل، بھارو ڏاهاڻي ۽ خانُو ڏاهاڻي گينگ جو اھم اڳواڻ آهي. شروعاتي معلومات موجب ڄاڻايل ڌاڙيل سنڌ جي مختلف ضلعن جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ سميت بلوچستان صوبي ۾ به پوليس کي انتهائي گهربل آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ڌاڙيل قتل ۽ غارتگري، ڌاڙن، ڦر قتل، ايڪسپلوزو ايڪٽ ۽ پوليس مقابلن جهڙن ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ ملوث آهي. ڪامياب ڪارروائيءَ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري پاران اي ايس پي رتوديرو/نئوديرو سيد حيدر علي شاهه ۽ سندس ٽيم لاءِ انعامن ۽ اعزازن جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.











