لاهور – 01 آگسٽ (اي پي پي) لاهور ۾ رهندڙ ڪشميري مهاجر تڪ ايل اي-34 ڄمون ون لاءِ پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪندا. ان مقصد لاءِ شهر ۾ 15 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. لاهور ۾ 5 هزار 965 رجسٽرڊ ووٽرز پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا، جن ۾ 3 هزار 175 مرد ۽ 2 هزار 790 عورت ووٽرز شامل آهن. ووٽنگ جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ مجموعي …
آزاد ڄمون ڪشمير جي جنرل چونڊن لاءِ لاهور ۾ پولنگ آچر 2 آگسٽ تي ٿيندي

مزید خبریں
لاهور – 01 آگسٽ (اي پي پي) لاهور ۾ رهندڙ ڪشميري مهاجر تڪ ايل اي-34 ڄمون ون لاءِ پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪندا. ان مقصد لاءِ شهر ۾ 15 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. لاهور ۾ 5 هزار 965 رجسٽرڊ ووٽرز پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا، جن ۾ 3 هزار 175 مرد ۽ 2 هزار 790 عورت ووٽرز شامل آهن. ووٽنگ جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ مجموعي طور تي 30 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن جن مان 15 مرد ووٽرز ۽ 15 عورت ووٽرز لاءِ مخصوص آهن. پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. اليڪشن اختيارين ووٽرز کي اپيل ڪئي آهي ته هو مقرر ڪيل وقت ۾ پنهنجي پولنگ اسٽيشن پهچي پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪن.











