ڪرغزستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ اتحاد تي ٻڌل لاڳاپن جي معاهدي تي صحيحيون

بشڪيڪ – 01 آگسٽ (اي پي پي) ڪرغزستان جي صدر جباروف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام علييف ٻنهي ملڪن وچ ۾ اتحاد تي ٻڌل لاڳاپن جي معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪرغز صدر جي پريس آفيس مطابق اهو معاهدو آذربائيجان جي صدر جي ڪرغزستان جي سرڪاري دوري دوران چولپون آتا شهر ۾ طئي ٿيو. معاهدي کان اڳ ٻنهي اڳواڻنوچ ۾ ٻه طرفا ڳالهيون ٿيون، جنهن بعد هنن …

بشڪيڪ – 01 آگسٽ (اي پي پي) ڪرغزستان جي صدر جباروف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام علييف ٻنهي ملڪن وچ ۾ اتحاد تي ٻڌل لاڳاپن جي معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪرغز صدر جي پريس آفيس مطابق اهو معاهدو آذربائيجان جي صدر جي ڪرغزستان جي سرڪاري دوري دوران چولپون آتا شهر ۾ طئي ٿيو. معاهدي کان اڳ ٻنهي اڳواڻنوچ ۾ ٻه طرفا ڳالهيون ٿيون، جنهن بعد هنن گڏيل طور ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر جباروف معاهدي تي صحيحين کي ڳالهين جي اهم ترين ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته اها تاريخي اڳڀرائي ڪرغزستان ۽ آذربائيجان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي. هن ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي، ٽرانسپورٽ، سائبر سيڪيورٽي، تعليم، مالياتي مارڪيٽن جي ضابطه ڪار ۽ قيمتي ڌاتن جي واپار سميت مختلف شعبن ۾ ڪيترن ئي ٻه طرفا معاهدن تي به صحيحيون ڪيون ويون آهن. آذربائيجان جي صدارتي آفيس مطابق صدر الهام علييف چيو ته ٻنهي ملڪن پنهنجن گڏيل لاڳاپن کي اعليٰ ترين سطح تائين پهچائي ڇڏيو آهي، جيڪو سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.