ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي جمعي ڏينهن ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد پاڪستان لائيف اسٽائيل فرنيچر ايڪسپو جي 140 هين ايڊيشن جو افتتاح ڪيو آهي. گورنر نمائش ۾ قائم ڪيل مختلف اسٽالن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ فرنيچر، هوم ڊيڪور ۽ ٻين شين جو معائنو ڪندي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن ان موقعي تي صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان …
سنڌ جي گورنر پاران ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد پاڪستان لائف اسٽائل فرنيچر ايڪسپو جي 140هين ايڊيشن جو افتتاح
ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي جمعي ڏينهن ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد پاڪستان لائيف اسٽائيل فرنيچر ايڪسپو جي 140 هين ايڊيشن جو افتتاح ڪيو آهي. گورنر نمائش ۾ قائم ڪيل مختلف اسٽالن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ فرنيچر، هوم ڊيڪور ۽ ٻين شين جو معائنو ڪندي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن ان موقعي تي صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته مقامي صنعت کي هٿي وٺائڻ ، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان جو فرنيچر سيڪٽر عالمي معيار جي مصنوعات تيار ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو.









