سنڌ جي تعليم واري وزير پاران انٽر ميڊيئيٽ بورڊ ڪراچيءَ جي امتحاني نتيجن ۾ پوزيشنون کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪون

ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه انٽرميڊيئيٽ بورڊ ڪراچي جي امتحاني نتيجن ۾ سرڪاري ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران شاندار ڪاميابي ۽ نمايان پوزيشنون حاصل ڪرڻ تي کين دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ سيد سردار علي شاهه چيو ته انٽرميڊيئيٽ بورڊ جا نتيجا سرڪاري ڪاليجن جي معياري تعليمي نظام، استادن جي محنت ۽ شاگردن جي لگن …

ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه انٽرميڊيئيٽ بورڊ ڪراچي جي امتحاني نتيجن ۾ سرڪاري ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران شاندار ڪاميابي ۽ نمايان پوزيشنون حاصل ڪرڻ تي کين دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ سيد سردار علي شاهه چيو ته انٽرميڊيئيٽ بورڊ جا نتيجا سرڪاري ڪاليجن جي معياري تعليمي نظام، استادن جي محنت ۽ شاگردن جي لگن جو واضح ثبوت آهن. هن چيو ته سرڪاري ڪاليجن جا شاگرد اعليٰ تعليم ۽ عملي زندگي ۾ اعتماد سان اڳتي وڌڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا.تعليم واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري ڪاليجن ۾ تعليمي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مسلسل عملي قدم کڻي رهي آهي، جنهن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.سيد سردار علي شاهه انٽرميڊيئيٽ بورڊ جي امتحانن ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪندڙ نجي ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڻ مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهي نتيجا سنڌ ۾ بهتر ٿيندڙ تعليمي نظام ۽ معياري تعليمي ادارن جي ڪاميابي جو چٽو ثبوت آهن.

مزید خبریں