سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڀٽ شاهه ۾ لطيف ايوارڊ تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت، مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ ورهايا

ڀٽ شاهه-31 جولاءِ(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾ منعقد ٿيل لطيف ايوارڊ تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي فڪر، ادب، موسيقي، تحقيق ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي واڌاري لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن ۾ لطيف …

ڀٽ شاهه-31 جولاءِ(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾ منعقد ٿيل لطيف ايوارڊ تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي فڪر، ادب، موسيقي، تحقيق ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي واڌاري لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن ۾ لطيف ايوارڊ ورهايا. خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو پيغام محبت، امن، رواداري، انسانيت ۽ ڀائيچاري جو لازوال پيغام آهي، جيڪو اڄ به پوري انسانيت لاءِ مشعلِ راهه آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت شاهه لطيف جي فڪر، ادب، موسيقي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ، واڌاري ۽ عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن وڌيڪ چيو ته لطيف ايوارڊ جهڙيون تقريبون انهن شخصيتن جي حوصلا افزائي ڪن ٿيون، جيڪي شاهه سائين جي پيغام کي ايندڙ نسلن ۽ دنيا تائين پهچائڻ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. تقريب جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ٿي، جنهن کان پوءِ شاهه جي راڳ تي ٻڌل صوفي ۽ لوڪ موسيقي پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري طور ياسر قاضي ذميداريون ادا ڪيون، جڏهن ته نامور فنڪار ممتاز لاشاري ۽ گلوڪار شمن علي ميرالي پنهنجي فن جو شاندار مظاهرو پيش ڪري شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد حاصل ڪئي. صوبائي وزير ثقافت، سياحت، آثار قديمه ۽ آرڪائيوز سيد ذوالفقار علي شاهه آجيان واري خطاب ۾ چيو ته لطيف ايوارڊ سنڌ جو اعليٰ ترين ثقافتي اعزاز آهي، جيڪو هر سال انهن شخصيتن کي ڏنو ويندو آهي، جيڪي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي شاعري، فڪر، موسيقي، ادب، تحقيق ۽ ثقافتي ورثي جي واڌاري لاءِ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏين ٿيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت شاهه لطيف جي فڪر کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۽ صوفي روايتن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ان کان پوءِ مخدوم محبوب الزمان ۽ سينيئر صوبائي وزير ناصر حسين شاهه پڻ خطاب ڪندي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليمات، سنڌ جي صوفي ورثي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏنو. تقريب دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مخدوم محبوب الزمان، سينيئر صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ وقتي گادي نشين گڏجي اسٽيج تي ايوارڊ ورهايا. ان موقعي تي مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ طور اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ثقافت کاتي پاران شايع ڪيل ڪتاب "ايڇ ٽي سورلي هال”، "شاهه جو رسالو (انگريزي ترجمو)” ۽ "شاهه لطيف عالمي شاعر” پڻ مهمانن کي پيش ڪيا ويا. لطيف ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ شاهه جا راڳي فقير علي بخش مگسي، بهترين سگهڙ قاضي بدرالدين، بهترين بينجو نواز ممتاز علي سفزل (لياري)، شاهه لطيف جي ادب ۽ تحقيق جي شعبي ۾ بدر ابڙو (جنهن جو ايوارڊ مدد علي سنڌي وصول ڪيو)، ڪي بورڊ نواز استاد رجب علي رضا (جنهن جو ايوارڊ سندس فرزند شاهد علي رضا وصول ڪيو)، بهترين طبلا نواز محمد اسلم خان ۽ بهترين گلوڪار شمن علي ميرالي شامل هئا. ايوارڊ حاصل ڪرڻ کان پوءِ شمن علي ميرالي پنهنجي مختصر اظهارِ خيال ۾ چيو ته لطيف ايوارڊ حاصل ڪرڻ سندس زندگيءَ جو وڏو خواب هو، جيڪو اڄ پورو ٿيو. ان موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڊائريڪٽر جنرل ثقافت حبيب الله ميمڻ کي ثقافتي خدمتن جي اعتراف طور مهمانن جي هٿان يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، چونڊيل نمائندن، اعليٰ سرڪاري آفيسرن، اديبن، شاعرن، دانشورن، محققن، فنڪارن، راڳين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں