سکر -31 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سول اسپتال سکر ۾ ٽراما سينيٽر جو افتتاح ڪيو. صوبائي وزير سول اسپتال سکر ۾ شهيد محترم بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما تحت قائم 50 بسترن تي مشتمل ٽراما اينڊ ايمرجنسي ريسپانس سينٽر جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر خورشيد احمد شاهه ۽ ترجمان سنڌ حڪومت سميت لاڳاپيل کاتن جي ٻين عهديدارن …
صحت واري صوبائي وزير پاران سکر ۾ ٽراما سينيٽر جو افتتاح

مزید خبریں
سکر -31 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سول اسپتال سکر ۾ ٽراما سينيٽر جو افتتاح ڪيو. صوبائي وزير سول اسپتال سکر ۾ شهيد محترم بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما تحت قائم 50 بسترن تي مشتمل ٽراما اينڊ ايمرجنسي ريسپانس سينٽر جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر خورشيد احمد شاهه ۽ ترجمان سنڌ حڪومت سميت لاڳاپيل کاتن جي ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي.صوبائي وزير ٽراما سينٽر ۾ ايڪسري ۽ وارڊ سميت ٻين شعبن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ واري مهم جو پڻ افتتاح ڪيو.











