ڪي پي ڪي جي گورنر پاران ڊي آءِ خان ۾ پوليس وين تي فائرنگ جي مذمت

پشاور-31 جولاءِ (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جمعي ڏينهن ڊي آءِ خان جي علائقي درابن ۾ پوليس وين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر اعليٰ عملدارن کان پوليس وين تي حملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. گورنر درابن ۾ پوليس تي حملي جي زخمين کي هر ممڪن علاج جي فراهميءَ جي هدايت جاري ڪئي. ان …

پشاور-31 جولاءِ (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جمعي ڏينهن ڊي آءِ خان جي علائقي درابن ۾ پوليس وين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر اعليٰ عملدارن کان پوليس وين تي حملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. گورنر درابن ۾ پوليس تي حملي جي زخمين کي هر ممڪن علاج جي فراهميءَ جي هدايت جاري ڪئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد پوليس اهلڪار اسان جا محسن آهن. هن چيو ته پوري قوم پوليس ۽ فوج جي جوانن پاران ڏنل قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن چيو ته پوليس جي شهيد اهلڪارن جي وارثن ۽ ساٿين جي ڏُک ۾ برابر جي شريڪ آهي.