ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي سگهه ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن سرڪاري ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته گروپ انشورنس، بينيوولينٽ فنڊ، پروموشنز، سينيارٽي ۽ ٻين انتظامي معاملن جي حل لاءِ ملازمن جي نمائنده تنظيمن سان مشاورت ڪري عملي فيصلا ڪيا ويندا. اهي ڳالهيون هن جمعي ڏينهن پنهنجي …
سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن سرڪاري ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي: صوبائي وزير سعيد غني

مزید خبریں
ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي، افرادي سگهه ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن سرڪاري ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته گروپ انشورنس، بينيوولينٽ فنڊ، پروموشنز، سينيارٽي ۽ ٻين انتظامي معاملن جي حل لاءِ ملازمن جي نمائنده تنظيمن سان مشاورت ڪري عملي فيصلا ڪيا ويندا. اهي ڳالهيون هن جمعي ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن (ايپڪا) سنڌ جي چيئرمين ٺاڪر ذوالفقار قائمخاني جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران ڪيون. وفد ۾ ايپڪا سنڌ جي صدر رفيق احمد جتوئي، جنرل سيڪريٽري اشرف خان بوزئي، سينيئر نائب صدر خالد راجپوت، نثار احمد عارباني، سيد نعيم شاهه، سعيد شيخ، عباس چانڊيو، راشد اقبال ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ شامل هئا. ملاقات دوران ايپڪا جي چيئرمين ٺاڪر ذوالفقار قائمخاني صوبائي وزير کي سرڪاري ملازمن جي درپيش اهم مسئلن کان آگاهه ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته ريٽائرمينٽ وقت گروپ انشورنس ۽ بينيوولينٽ فنڊ جي رقم بنا دير ادا ڪئي وڃي، سمورن کاتن ۾ ميرٽ تي سينيارٽي لسٽون جاري ڪيون وڃن، گريڊ هڪ کان چار تائين قابل ملازمن کي سينيارٽي جي بنياد تي جونيئر ڪلارڪ طور ترقيون ڏنيون وڃن، جڏهن ته اڪائونٽس ڪلارڪ جي پوسٽ کي گريڊ 9 مان وڌائي گريڊ هون15 ڪيو وڃي. صوبائي وزير سعيد غني وفد کي خاطري ڪرائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي ۽ انهن معاملن تي سنڌ ڪابينا ۾ پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مختلف کاتن جي وزيرن سان رابطا جاري آهن ته جيئن سرڪاري ملازمن جا جائز مطالبا جلد کان جلد حل ڪري سگهجن. سعيد غني چيو ته حڪومت ڪنهن به فيصلي کان اڳ ملازمن جي تنظيمن کي اعتماد ۾ وٺندي، جيئن پاليسيون گڏيل مشاورت سان جوڙيون وڃن ۽ انهن تي مؤثر نموني عملدرآمد ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سمورن سرڪاري ملازمن جي ڀلائي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ گروپ انشورنس، بينيوولينٽ فنڊ، پروموشنز، سينيارٽي ۽ ٻين انتظامي معاملن کي مرحليوار حل ڪيو ويندو، ته جيئن ملازمن کي بهتر خدمتي ماحول ۽ سندن حق وقت سر فراهم ٿي سگهن.











