پشاور-31 جولاءِ (اي پي پي) ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس وين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڊيرا اسماعيل خان جي ڊي پي او ضياءُ الدين احمد موجب اهو واقعو ڊي آءِ خان جي علائقي درابن ۾ شاهه عالم موڙ تي پيش آيو، جتي پوليس وين تي فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ ۾ اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪار شهيد جڏهن ته پوليس …
ڊي آءِ خان ۾ پوليس وين تي فائرنگ، اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪار شهيد

مزید خبریں
پشاور-31 جولاءِ (اي پي پي) ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس وين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڊيرا اسماعيل خان جي ڊي پي او ضياءُ الدين احمد موجب اهو واقعو ڊي آءِ خان جي علائقي درابن ۾ شاهه عالم موڙ تي پيش آيو، جتي پوليس وين تي فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ ۾ اي ايس آءِ سميت 2 اهلڪار شهيد جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ملزم فرار ٿي ويا. پوليس جي وڏي نفري دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائيءَ لاءِ وڃي رهي هئي ته هٿياربندن حملو ڪري ڏنو.











