زيورخ-31 جولاءِ(اي پي پي) يورپي ملڪن فيفا پاران پنهنجي ٽورنامينٽس جا شيئرز خانگي سيڙپڪارن کي وڪڻڻ جي منصوبي جي رد عمل ۾ ايندڙ ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽس جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو فيصلو يورپي فٽبال ايسو سي ايشن جي 55 هين ورچوئل اجلاس جي (يو اي ايف اي) دوران ڪيو ويو. ايندڙ ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ يعني ايندڙ گرمي جي موسم ۾ برازيل ۾ ويمنز ورلڊ …
يورپي ملڪن پاران ايندڙ فيفا ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جي بائيڪاٽ جو اعلان

مزید خبریں
زيورخ-31 جولاءِ(اي پي پي) يورپي ملڪن فيفا پاران پنهنجي ٽورنامينٽس جا شيئرز خانگي سيڙپڪارن کي وڪڻڻ جي منصوبي جي رد عمل ۾ ايندڙ ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽس جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو فيصلو يورپي فٽبال ايسو سي ايشن جي 55 هين ورچوئل اجلاس جي (يو اي ايف اي) دوران ڪيو ويو. ايندڙ ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ يعني ايندڙ گرمي جي موسم ۾ برازيل ۾ ويمنز ورلڊ ڪپ ۽ 2030ع ۾ اسپين، پرتگال ۽ مراڪش ۾ مينز ورلڊ ڪپ منعقد ٿيندو. فيفا هن هفتي جي شروعات ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته هڪ هڪ نئين ڪمپني فيفا فارورڊ انٽر پرائزز ۾ اقليتي شيئرز وڪڻڻ جو منصوبو ڪري رهيو آهي. ورلڊ ڪپ ۽ ڪلب ورلڊ ڪپ سميت ان جي وڏن مقابلن جي واپاري معاملن کي هلائيندي فيفا فٽ بال جي گورننگ باڊي طور تي برقرار رهندي ۽ نئين ڪمپني ۾ اڪثريت جا شيئرز پاڻ وٽ رکندو. تنظيم جو منصوبو آهي ته اها 4.2 بلين ڊالرز گڏ ڪرڻ جي هدف سميت ڪمپني جا 21 سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪري جنهن جي رقم ان جي ميميبر ايسوسي ايشنز لاءِ دستياب هوندي.ان تجويز لاءِ هاڻي به فيفا جي 211 رڪني ايسوسي ايشنز ۽ فيفا ڪائونسل جي منظوري جي ضرورت آهي. فيفا جي صدر ان منصوبي جو دفاع ڪندي چيو ته فٽبال دنيا جي سڀ کان مشهور راند آهي ۽ انساني سماجي ترقي جو هڪ غير معمولي ذريعو آهي. راند جي ڪجهه حصن ان جي مقبوليت کي شاندار واپاري قدرن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي اسان ان ڪاميابي لاءِ چاهيون ٿا اهو جاري رهي ڇو ته اهو سڄي راند جي معيار کي بلند ڪري ٿو. اسان جي ذميواري اهو يقيني بنائڻ آهي ته باقي فٽ بال به ان سان گڏ اڳتي وڌن. فيفا دنيا جي هر ڪنڊ ۾ پائيدار ۽ گڏيل ترقي جي حمايت لاءِ موجود آهي. ان تجويز کي شديد مخالفت درپيش آهي. يورپي فٽبال ايسوسي ايشن چيو ته اهو ان حد کان اڳتي وڌڻ جي برابر آهي جنهن کي فٽ بال جي منتظم ادارن کي به پار نه ڪرڻ گهرجي.











