ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊيولپمينٽ سان پنجن سالن جي مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن جي مجموعي ماليت 439 ملين رپين کان وڌيڪ آهي.وزيراعليٰ هائوس ۾ جمعي ڏينهن منعقد ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحيحن واري …
سنڌ حڪومت پاران معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ آغا خان يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ سان 5 سالن جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون

مزید خبریں
ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊيولپمينٽ سان پنجن سالن جي مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن جي مجموعي ماليت 439 ملين رپين کان وڌيڪ آهي.وزيراعليٰ هائوس ۾ جمعي ڏينهن منعقد ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحيحن واري تقريب جي صدارت ڪئي. معاهدو سنڌ حڪومت جي ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبيلٽيز ۽ آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشنل ڊيولپمينٽ وچ ۾ طئي ٿيو. معاهدي تحت آغا خان يونيورسٽي ۾ خاص تعليمي ضرورتن وارو يونٽ قائم ڪيو ويندو، جيڪو استادن جي تربيت، پيشيوراڻي ترقي، تحقيق، جدت، پاليسي جي تياري ۽تعليم جي هٿي لاءِ سينٽر آف ايڪسيلينس طور ڪم ڪندو. منصوبي ۾ سنسري رومز، ٿراپي رومز، ريسورس سينٽرز، پاليسي سازي، تحقيق ۽ عوامي آگاهي جي پروگرامن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي.تقريب ۾ آغا خان يونيورسٽي جي صدر ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر فريد پنجواڻي، يونيورسٽي جي سينيئر قيادت، معذور ماڻهن جي تنظيمن، ترقياتي ڀائيوارن، تعليمي ماهرن، سرڪاري عملدارن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هي معاهدو صرف هڪ رسمي دستاويز نه، پر سنڌ ۾ شامليندڙ ۽ خاص ضرورتن واري تعليم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ تاريخي ۽ حڪمت عملي تي ٻڌل ڀائيواري آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد اهڙي سنڌ جي تعمير آهي، جتي هر ٻار کي، سندس قابليت کانسواءِ، سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جا برابر موقعا حاصل هجن.هن چيو ته سنڌ حڪومت هميشه انساني ترقي، سماجي شموليت ۽ معذور ماڻهن جي حقن کي ترجيح ڏني آهي ۽ هن منصوبي وسيلي استادن جي صلاحيتن ۾ واڌ، معياري تحقيق، پاليسي سازي ۽ معذور ٻارن لاءِ معياري تعليم تائين رسائي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.وڏي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ آغا خان يونيورسٽي جي گڏيل ڪوششن سان ثبوتن تي ٻڌل پاليسي سازي، عوامي آگاهي، ڪميونٽي جي شموليت ۽ جديد تعليمي طريقن کي هٿي ملندي، جڏهن ته هي منصوبو پاڪستان ۾ شامليندڙ تعليم لاءِ هڪ مثالي ماڊل ثابت ٿيندو. آغا خان يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين چيو ته هي ڀائيواري ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته هر ٻار کي، بنا ڪنهن فرق جي، اعليٰ معيار جي تعليم تائين برابر رسائي حاصل هجي. هن چيو ته شامليندڙ تعليم هڪ منصفاڻي ۽ خوشحال سماج جي بنياد آهي ۽ يونيورسٽي پنهنجي علمي مهارت ۽ تحقيق ذريعي حڪومت جي سڌارن ۾ ڀرپور سهڪار جاري رکندي.ان کان اڳ سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن طحيٰ احمد فاروقي منصوبي جي مقصدن ۽ دائري بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هي منصوبو استادن جي تربيت، ادارتي استحڪام، تحقيق، پاليسي جي ترقي، ڪميونٽي آگاهي ۽ خاص ضرورتن وارن ٻارن لاءِ پائيدار سهولتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.ڊين آغا خان يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر فريد پنجواڻي چيو ته خاص تعليمي ضرورتن وارو يونٽ تربيت، تحقيق، جدت ۽ پاليسي جي سهڪار لاءِ مرڪزي اداري طور ڪم ڪندو ۽ فيڪلٽي جي ترقي، پيشيوراڻي سرٽيفڪيشن پروگرامن ۽ ثبوتن تي ٻڌل مداخلتن ذريعي سنڌ ۾ شامليندڙ تعليمي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.پنجن سالن تي ٻڌل هي منصوبو 1 جولاءِ 2026 کان 30 جون 2031 تائين جاري رهندو. مالي فريم ورڪ موجب سنڌ حڪومت 278.56 ملين رپيا ۽ آغا خان يونيورسٽي 160.65 ملين رپيا فراهم ڪندي، جنهن سان منصوبي جي مجموعي ماليت 439 ملين رپين کان وڌيڪ ٿي ويندي. منصوبي ۾ معذوري جي شعبي سان لاڳاپيل ٻين ادارن کي به شامل ڪيو ويندو ته جيئن تربيت، عملدرآمد، آگاهي ۽ ڪميونٽي تائين پهچ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.










