ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين عالمي ڏوهه ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ اثرائتن قدمن جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته آن لائن فراڊ وسيلي جبري ڏوهاري سرگرمين جو شڪار بڻجندڙ ماڻهن جي صورتحال …
انساني اسمگلنگ سنگين عالمي ڏوهه ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ اثرائتن قدمن جي سخت ضرورت آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-30 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين عالمي ڏوهه ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ اثرائتن قدمن جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته آن لائن فراڊ وسيلي جبري ڏوهاري سرگرمين جو شڪار بڻجندڙ ماڻهن جي صورتحال ڏانهن عالمي برادري جي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته انساني اسمگلنگ جي نون طريقن ۽ آن لائن ڏوهن جي خطرن بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته هو مشڪوڪ ڀرتين، جعلي روزگار جي آڇن ۽ آن لائن فراڊ ذريعي ٿيندڙ انساني اسمگلنگ کان هوشيار رهن. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت انساني اسمگلنگ ۽ انساني استحصال جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن وچ ۾ بهتر رابطي ۽ هم آهنگي کي به يقيني بڻايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ انساني اسمگلنگ خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.هن چيو ته انساني اسمگلنگ جي متاثرن جي تحفظ، بحالي ۽ قانوني سهائتا لاءِ مؤثر قدم کڻڻ انٽر آهن. وڏي وزير واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ عالمي ڀائيوارن سان سهڪار جاري رکندي. سندس چوڻ هو ته انساني اسمگلنگ کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت، سول سوسائٽي ۽ عوام کي گڏجي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.










