حيدرآباد-30 جولاءِ(اي پي پي) سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ بلديات واري وزير سعيد غني حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 283 هين سالياني عرس ۾ شرڪت لاءِ آيل زائرين کي صوبائي حڪومت پاران ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي تعليمات محبت، امن، رواداري ۽ انسانيت جو هڪ لازوال پيغام آهي. جنهن تي عمل ڪري سماج ۾ هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ ترقي کي هٿي ڏئي …
لاکيڻي لطيف جي زائرين کي ڀليڪار چئون ٿا، صوفي بزرگن جي تعليمات اڄ به سماج لاءِ روشنيءَ جو ڏيک آهي: سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ سعيد غني

مزید خبریں
حيدرآباد-30 جولاءِ(اي پي پي) سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ بلديات واري وزير سعيد غني حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 283 هين سالياني عرس ۾ شرڪت لاءِ آيل زائرين کي صوبائي حڪومت پاران ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي تعليمات محبت، امن، رواداري ۽ انسانيت جو هڪ لازوال پيغام آهي. جنهن تي عمل ڪري سماج ۾ هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ ترقي کي هٿي ڏئي سگهجي ٿو. ٻنهي وزيرن عرس جي موقعي تي سڄي رات موسيقي فيسٽيول کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت عرس دوران زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا ٽي ڏينهن پوري لگن سان زائرين جي خدمت ۾ مصروف رهندا. هن چيو ته شاهه لطيف رح جي درگاهه عالم انسانيت لاءِ سکيا جي درسگاهه آهي ۽ موجوده دور ۾، سندس تعليمات ئي امن، رواداري ۽ معاشرتي بهتري جي ضمانت فراهم ڪري ٿي . سعيد غني چيو ته سنڌ ان لحاظ کان خوش نصيب آهي ته ان کي اهڙن عظيم صوفي بزرگن جي نسبت حاصل آهي جن جي تعليمات هن سرزمين کي پيار، امن ۽ ڀائيچاري جي علامت بڻايو. هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح هميشه انسانيت، ڀائيچاري ۽ امن جودرس ڏنو جنهن کي اڄ جي دور ۾ اپنائڻ جي ضرورت پهرين کان وڌيڪ ضروري آهي.











