بيجنگ-30 جولاءِ (اي پي پي) چين شانشي صوبي ۾ تائي يوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان نئين مواصلاتي ٽيڪنالاجي جا آزمائشي سيٽلائيٽس ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سيٽلائيٽس کي ڪيريئر راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيو ويو جيڪي ڪاميابي سان پنهنجي مقرر مدار ۾ پهچي ويا. اهي آزمائشي سيٽلائٽس بنيادي طور تي مواصلاتي سيٽلائيٽس، نشرياتي ٽيلي ويزن، ڊيٽا ٽرانسميشن سميت مختلف خدمتن جي فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي …
چين نئين مواصلاتي ٽيڪنالاجي جا آزمائشي سيٽلائيٽس ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيا

مزید خبریں
بيجنگ-30 جولاءِ (اي پي پي) چين شانشي صوبي ۾ تائي يوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان نئين مواصلاتي ٽيڪنالاجي جا آزمائشي سيٽلائيٽس ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سيٽلائيٽس کي ڪيريئر راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيو ويو جيڪي ڪاميابي سان پنهنجي مقرر مدار ۾ پهچي ويا. اهي آزمائشي سيٽلائٽس بنيادي طور تي مواصلاتي سيٽلائيٽس، نشرياتي ٽيلي ويزن، ڊيٽا ٽرانسميشن سميت مختلف خدمتن جي فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي جانچ ۽ تصديق لاءِ استعمال ڪيا ويندا. چين جي اختيارين موجب لانگ مارچ راڪٽ سيريز جو اهو 660 هون ڪامياب اڏام مشن جنهن کي چين جي خلائي پروگرام ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.











