سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي اٽلي جي هم منصب سان ملاقات، فلسطين جي ٻه رياستي حل جي حمايت تي زور

روم-30 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، اٽلي جي نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني وچ ۾ روم ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران غزه جنگ بندي کي برقرار رکڻ، شهرين تائين بنا رنڊڪ جي امداد جي فراهمي ۽ ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت تي زور ڀريو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻڻ ملاقات کان پوءِ جاري گڏيل …

روم-30 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، اٽلي جي نائب وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني وچ ۾ روم ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران غزه جنگ بندي کي برقرار رکڻ، شهرين تائين بنا رنڊڪ جي امداد جي فراهمي ۽ ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت تي زور ڀريو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻڻ ملاقات کان پوءِ جاري گڏيل پڌرنامي ۾ عالمي اتحاد جي اجلاسن جي نتيجن جي آجيان ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار داد نمبر 2803 ۽ غزه تڪرار جي خاتمي لاءِ گڏيل منصوبي تي عمل در آمد جي  حمايت ڪئي وئي. ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته عالمي هم آهنگي ۽ ڳالهيون ئي ٻه رياستي حل جي بنياد تي منصفاڻي ۽ پائيدار امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. پڌرائي ۾ غزه جنگ بندي جاري رکڻ، غزه پٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ، انساني امداد جي مستقل بنياد تي فراهمي ۽ بحالي جا شروعاتي قدم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ملڪن فلسطيني اٿارٽي جي سڌارن وارين ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان کانسواءِ اولهندي ڪناري ۾ آباد ڪارن جي وڌندڙ تشدد جي مذمت ۽ فلسطيني شهرين جي تحفظ کي اڻٽر قرار ڏنو ويو. ٻنهي ملڪن اولهندي ڪناري جي ڪنهن به حصي جي جزوي يا مڪمل الحاق ۽ فلسطينين جي جبري بي دخلي جي به مخالفت ڪئي.