اسلام آباد-30 جولاءِ(اي پي پي) آسٽريليا جي آن لائن سيفٽي ريگوليٽر ميسيجنگ پليٽ فارم ٽيليگرام خلاف دهشتگردي سان لاڳاپيل مواد وقت سر نه هٽائڻ جي ڏوهه ۾ وفاقي عدالت سان رابطو ڪندي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي سيفٽي ڪمشنر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٽيليگرام ملڪي آن لائين سيفٽي قانون تحت لاڳو حفاظتي ذميوارين تي عمل ناهي ڪيو. ريگوليٽر جو موقف آهي …
آسٽريليا دهشتگردي سان لاڳاپيل مواد نه هٽائڻ تان ٽيليگرام خلاف قانوني ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-30 جولاءِ(اي پي پي) آسٽريليا جي آن لائن سيفٽي ريگوليٽر ميسيجنگ پليٽ فارم ٽيليگرام خلاف دهشتگردي سان لاڳاپيل مواد وقت سر نه هٽائڻ جي ڏوهه ۾ وفاقي عدالت سان رابطو ڪندي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي سيفٽي ڪمشنر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٽيليگرام ملڪي آن لائين سيفٽي قانون تحت لاڳو حفاظتي ذميوارين تي عمل ناهي ڪيو. ريگوليٽر جو موقف آهي ته آسٽريلوي صارفين پاران نشاندهي باوجود ٽيليگرام عوامي طور تي شيئر ڪيل دهشتگردي جي حمايت تي ٻڌل مواد، جنهن ۾ دهشتگردن پاران ڏنل ڦاسين جون وڊيوز به شامل هيون. بيان موجب نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ سال 2019ع ۾ مسجدن تي ٿي حملن ۽ 2022 ع ۾ آمريڪي شهر بفيلو ۾ فائرنگ جي واقعن جون وڊيوز ٽن مهينن تائين ٽيليگرام تي موجود رهيون جنهن کان پوءِ انهن کي هٽايو ويو. آسٽريلوي قانون تحت آن لائن سيفٽي جي ضابطن جي خلاف ورزي ڪندڙ ڊجيٽل پليٽ فارمز تي 5 ڪروڙ 46 لک آسٽريلوي ڊالرڏنڊ لاڳو ٿي سگهي ٿو. سيفٽي اي ڪمشنر چيو ته ڊسمبر ۾ بونڊائي ۾ دهشتگرد حملي کانپوءِ ڊجيٽل پليٽ فارمز جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي ته هو شهرين کي نقصان ڪندڙ آن لائن مواد کان محفوظ رکي. هن چيو ته ڪو به پليٽ فارم قانون کان مٿانهون ناهي ۽ اي سيفٽي آسٽريلوي شهرين جي تحفظ لاءِ پنهنجا سمورا قانوني اختيار استعمال ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندي.











