جاپان جي صوبي ڪماموتو ۾ زلزلي سبب فوتگين جو انگ وڌي 28 ٿي ويو

ٽوڪيو -30 جولاءِ(اي پي پي) جاپان جي صوبي ڪماموتو ۾ آيل 7.1 جي شدت جي زلزلي کانپوءِ فوتگين جو انگ وڌي 28 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي چيف ڪابينه جي سيڪريٽري خميس ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته مقامي وقت موجب صبح جو 6:30 منٽن تائين فوتگين جو انگ 28 ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي ڪماموتو ۾ قائم ڊزاسٽر ريسپانس هيڊ ڪوارٽر جي اجلاس ۾ اختيارين …

ٽوڪيو -30 جولاءِ(اي پي پي) جاپان جي صوبي ڪماموتو ۾ آيل 7.1 جي شدت جي زلزلي کانپوءِ فوتگين جو انگ وڌي 28 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي چيف ڪابينه جي سيڪريٽري خميس ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته مقامي وقت موجب صبح جو 6:30 منٽن تائين فوتگين جو انگ 28 ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي ڪماموتو ۾ قائم ڊزاسٽر ريسپانس هيڊ ڪوارٽر جي اجلاس ۾ اختيارين ٻڌايو آهي ته هيستائين 17 ڄڻن جي فوتگين جي تصيق ٿي چڪي آهي جڏهن ته 6 ڄڻا دل جي ڌڙڪن بند ٿيڻ سبب فوت ٿيا آهن. هڪ شخص لاپتا آهي. اختيارين موجب متاثر علائقن ۾ 415 امدادي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن. زلزلي سبب ڪماموتو صوبي ۾ 22 هزار 950 گهرن جي بجلي به بند ٿي وئي آهي. اختيارين موجب امدادي بحالي جون ڪارروايون جاري آهن.