غزه ۾ صحت جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ  گڏيل قومن ۽ حصيدارن جون ڪوششون تيز

گڏيل قومون- 30 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني امدادي ادارن ۽ انهن جي حصيدارن غزه ۾ عوامي صحت جي وڏن خطرن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. جنهن ۾ ڪوئن  جي واڌ، صفائي جا مسئلا ۽ گدلو پاڻي شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  گڏيل قومن جي انساني رابطن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) چيو آهي ته هن مهيني جي شروعات ۾ ڪيل سروي دوران، بي …

گڏيل قومون- 30 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني امدادي ادارن ۽ انهن جي حصيدارن غزه ۾ عوامي صحت جي وڏن خطرن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. جنهن ۾ ڪوئن  جي واڌ، صفائي جا مسئلا ۽ گدلو پاڻي شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  گڏيل قومن جي انساني رابطن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) چيو آهي ته هن مهيني جي شروعات ۾ ڪيل سروي دوران، بي گهر ماڻهن جي 83 سيڪڙو مرڪزن ۾ ڪوئن  ۽ چمڙي تي اثر انداز ٿيندڙ جيتن جي افزائش جون شڪايتون رپورٽ ڪيون ويون آهن. ان کانسواءِ گهٽين تي گندو پاڻي، بيٺل پاڻي ۽ خراب صفائي جا مسئلا پڻ رپورٽ ٿيا آهن. او سي ايڇ اي مطابق، انساني حقن جون ايجنسيون هن هفتي ڪوئن تي ضابطو آڻڻ جون ڪارروايون تيز ڪيون آهن. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) ۽ ٻيا شراڪتدار  روزانو 9 ميٽرڪ ٽن ڪوئا مار دوائون ورهائي رهيا آهن، اهي دوائون گڏيل عرب امارات پاران غزه ۾ پهچايون پيون وڃن. رپورٽ موجب  عوامي صحت جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ ضروري شين جهڙوڪ سامان، اسپيئر پارٽس ۽ انجڻ آئل تائين مسلسل رسائي جي فوري ضرورت آهي. اهو پڻ ضروري آهي ته غزه ۾ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ايجنسين کي انهن علائقن ۾ لينڊ فل سائيٽن تائين رسائي ڏني وڃي جتي اسرائيلي پابندين جي ڪري تقريبن 65 سيڪڙو علائقي ۾ رسائي محدود آهي. گڏيل قومن چيو آهي ته غزه جي خاندانن لاءِ پاڻي تائين رسائي  روزانو هڪ وڏو چئلينج آهي. عالمي ادارو ۽ ان جا شراڪتدار  لکين ٻارن ۽ انهن جي خاندانن کي بنيادي طور پاڻي، صفائي ۽ صفائي جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ڊپٽي ترجمان فرحان حق ٻڌايو ته خان يونس ۾، گڏيل قومن جي ٻارن بابت فنڊ (يونيسيف) هڪ مرڪزي پاڻي جي کوهه جي اڏاوت ۾ مدد  ڪري رهيو آهي، جنهن سان لڳ ڀڳ 7,000 ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته غزه شهر ۾، يونيسيف شيخ عجلين گندي پاڻي جي علاج جي پلانٽ جي بحالي ۽ صفائي جي ڪوششن ۾ شريڪ آهي جيڪو تڪرار جي متاثر ٿيڻ کان اڳ لڳ ڀڳ 7 لک ماڻهن جي خدمت ڪندو هو. فرحان حق مطابق گڏيل قومن جي آپريشنل سيٽلائيٽ ايپليڪيشن پروگرام ۽ شراڪتدارن جي ڪاٿي مطابق، غزه ۾ لڳ ڀڳ 4 لک 30 هزار معصوم ٻار اسڪول وڃڻ جي عمر وارا ٻار، جيڪي ڪل شاگردن جي آبادي جو لڳ ڀڳ 56 سيڪڙو آهن، 600 کان وڌيڪ عارضي تعليمي مرڪزن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪجهه تعليمي مرڪزن ۾ نئين تعليمي سال کان اڳ تعليمي خلا کي پورو ڪرڻ لاءِ پروگرام جاري آهن، جڏهن ته، اسڪول جي عمر وارن ٻارن مان تقريبن اڌ اڃا تائين مناسب تعليمي موقعن کان محروم آهن.