گڏيل قومون- 30 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل مرڪزي آفريقي جهموريه ۾ سرگرم هٿياربند گروپن ۽ ملڪ ۾ امن کي نقصان پهچائيندڙ ٻين ماڻهن خلاف لاڳو پابندين ۾ وڌيڪ هڪ سال جي توسيع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي ، جنهن تحت اهي پابنديون 31 جولاءِ 2027ع تائين برقرار رهنديون . 15 رڪني سلامتي ڪائونسل قرارداد نمبر 2827 متفقه …
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل مرڪزي آفريقي جهموريه جي هٿياربند گروپن تي پابندين ۾ واڌ ڪري ڇڏي

مزید خبریں
گڏيل قومون- 30 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل مرڪزي آفريقي جهموريه ۾ سرگرم هٿياربند گروپن ۽ ملڪ ۾ امن کي نقصان پهچائيندڙ ٻين ماڻهن خلاف لاڳو پابندين ۾ وڌيڪ هڪ سال جي توسيع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي ، جنهن تحت اهي پابنديون 31 جولاءِ 2027ع تائين برقرار رهنديون . 15 رڪني سلامتي ڪائونسل قرارداد نمبر 2827 متفقه طورتي منظور ڪئي. قرارداد تحت پابندين تي عمل درآمد ۾ سهڪار ڪندڙ ماهرن جي پينل جي مينڊيٽ ۾ به 31 آگسٽ 2027 ع تائين توسيع ڪري ڇڏي آهي . واضع رهي ته سلامتي ڪائونسل 2024ع ۾ مرڪزي آفريقي جهموريه جي حڪومت تي لاڳو هٿيارن تي پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي ، پر ملڪ ۾ سرگرم هٿيار بند گروپن ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن تي هٿيارن تي پابندي برقرار رکي وئي هئي. ان کان علاوه پابندين جي ڪميٽي طرفان نامزد ماڻهن ۽ ادارن خلاف اثاثا منجمند ڪرڻ ۽ سفري پابندين جهڙا قدم به لاڳو رهندا.











