يورپي يونين مصر کي مالي سهڪار پروگرام تحت 1.5 ارب يورو جاري ڪري ڇڏيا

قاهره- 30 جولاءِ(اي پي پي) يورپي يونين مصر کي مالي سهڪار پروگرام تحت 1.5 ارب يورو جاري ڪري ڇڏيا. پرڏيهي ميڊيا  مطابق يورپي ڪميشن يورپي يونين (اي يو) جي ميڪرو فنانشل اسسٽنس (ايم ايف اي) پروگرام تحت مصر کي اٽڪل 1.72 ارب آمريڪي ڊالرن جو مالي سهڪار جاري ڪري ڇڏيو آهي. مصر ۾ يورپي يونين جي وفد ٻڌايو ته اها رقم 4 ارب يورو ماليت جي ٻي  ايم ايف اي …

قاهره- 30 جولاءِ(اي پي پي) يورپي يونين مصر کي مالي سهڪار پروگرام تحت 1.5 ارب يورو جاري ڪري ڇڏيا. پرڏيهي ميڊيا  مطابق يورپي ڪميشن يورپي يونين (اي يو) جي ميڪرو فنانشل اسسٽنس (ايم ايف اي) پروگرام تحت مصر کي اٽڪل 1.72 ارب آمريڪي ڊالرن جو مالي سهڪار جاري ڪري ڇڏيو آهي. مصر ۾ يورپي يونين جي وفد ٻڌايو ته اها رقم 4 ارب يورو ماليت جي ٻي  ايم ايف اي پروگرام جي ٽن قسط مان ٻي قسط آهي. يورپي ڪميشن جي جائزي بعد اها رقم جاري ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته مصر مالي سهڪار جي ٻي قسط جاري ڪرڻ لاءِ ضروري شرط پورا ڪري ورتا آهن. انهن شرطن ۾ طئي ٿيل اقتصادي سڌارن تي عمل درآمد، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پروگرام تحت مسلسل اڳڀرائي ۽ يورپي يونين ۽ مصر وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمتي معاهدن ۾ شامل سياسي گهرجن جي تڪميل شامل آهي . يورپي يونين طرفان فراهم ڪيل اهو تازو مالي سهڪار ڊسمبر 2024ع ۾ ڏنل هڪ ارب يورو جي ڊگهي مدي جي ميڪرو فنانشل امداد ۽ جنوري 2026ع ۾ موجوده يورو پروگرام تحت جاري ڪيل پهرين  هڪ ارب يورو جي قسط  بعد آهي. يورپي يونين جي وفد مطابق، ان تازي ادائيگي بعد شراڪتداري جي شروعات کان هيستائين مصر کي مجموعي طورتي 3.5 يورو جو ميڪرو فنانشل سهڪار فراهم ڪري چڪو آهي. وفد ٻڌايو ته پروگرام جا باقي شرط پورا ٿيڻ بعد وڌيڪ 1.5 ارب يورو جي آخري قسط به جاري ڪئي ويندي.