سعودي عرب انٽرنيشنل نيوڪليئر سائنس اولمپياڊ 2026ع جي ميزباني ڪندو

رياض-30 جولائي (اي پي پي) سعودي عرب انٽر نيشنل نيوڪلئير سائنس اولمپياڊ 2026ع جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ 19 ملڪن جا 120 شاگرد ۽ ماهر شرڪت ڪندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اولمپياڊ 2 آگسٽ کان 9 آگسٽ تائين جده ۾ جاري رهندو. انٽرنيشنل نيوڪلئير سائنس اولمپياڊ جو بنياد سال 2024ع ۾ انٽرنيشن ايٽامڪ انرجي ايجنسي تحت پيو جيڪو هڪ عالمي سائنسي پليٽ فارم آهي. ان جو مقصد نيوڪلئير ٽيڪنالاجي جي پرامن …

رياض-30 جولائي (اي پي پي) سعودي عرب انٽر نيشنل نيوڪلئير سائنس اولمپياڊ 2026ع جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ 19 ملڪن جا 120 شاگرد ۽ ماهر شرڪت ڪندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اولمپياڊ 2 آگسٽ کان 9 آگسٽ تائين جده ۾ جاري رهندو. انٽرنيشنل نيوڪلئير سائنس اولمپياڊ جو بنياد سال 2024ع ۾ انٽرنيشن ايٽامڪ انرجي ايجنسي تحت پيو جيڪو هڪ عالمي سائنسي پليٽ فارم آهي. ان جو مقصد نيوڪلئير ٽيڪنالاجي جي پرامن ۽ محفوظ استعمال کي هٿي ڏيڻ، نوجوانن کي ان شعبي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ جدت آڻڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي.