جاپان ۾ وڌيڪ زلزلي جو امڪاني خطرو ظاهر، چين جي سفارتخاني پاران شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت

ٽوڪيو-30 جولاءِ (اي پي پي) جاپان ۾ چين جي سفارتخاني ڏکڻ اولهه جاپان ۾ آيل شديد زلزلي بعد اتي ترسيل چيني شهرين کي وڌيڪ زلزلي جي امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي انتهائي محتاط رهڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سفارتخاني طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڱاري ڏينهن مقامي وقت مطابق 4 لڳي 27 منٽن تي ڪماموتو صوبي ۾ 7.1 جي شدت جو زلزلو …

ٽوڪيو-30 جولاءِ (اي پي پي) جاپان ۾ چين جي سفارتخاني ڏکڻ اولهه جاپان ۾ آيل شديد زلزلي بعد اتي ترسيل چيني شهرين کي وڌيڪ زلزلي جي امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي انتهائي محتاط رهڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سفارتخاني طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڱاري ڏينهن مقامي وقت مطابق 4 لڳي 27 منٽن تي ڪماموتو صوبي ۾ 7.1 جي شدت جو زلزلو آيو . جنهن بعد 12 ڪلاڪن اندر 148 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا،  جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان به ٿيو . بيان ۾ چيو ويو ته جاپان جي موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن دوران ان ئي شدت جو وڌيڪ زلزلو اچڻ جو امڪان موجود آهي. چيني سفارتخاني جاپان ۾ موجود پنهنجي شهرين کي هدايت ڪئي ته هو سفر جي منصوبه بندي احتياط سان ڪن ، متاثر علائقن جو رخ نه ڪن ۽ ذاتي حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائين . سفارتخاني شهرين تي زور ڀريو ته هو زلزلي بابت تازي اطلاع ، موسمي خبرداري ۽ حفاظتي هدايت تي عمل درآمد ڪن ، آفٽر شاڪس جي خطري کان هوشيار رهن جڏهن ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور تي مقامي پوليس ۽ جاپان  ۾  قائم چيني سفارتخاني يا قونصل خانن سان رابطو ڪن.