تهران - 30 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي فوج ايران ۾ پاسداران انقلاب جي درجنين هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. آمريڪي فوج جي مرڪزي ڪمانڊ (سينٽ ڪام) پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي فوج تي ايراني بيليسٽڪ ميزائل حملن جي ڪوشش جي جواب ۾ ايران خلاف شديد حملا ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا سينٽ ڪام جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته …
آمريڪي فوج پاران ايران ۾ درجنين هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ، ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌماڪن جا اطلاع

مزید خبریں
تهران – 30 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي فوج ايران ۾ پاسداران انقلاب جي درجنين هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. آمريڪي فوج جي مرڪزي ڪمانڊ (سينٽ ڪام) پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي فوج تي ايراني بيليسٽڪ ميزائل حملن جي ڪوشش جي جواب ۾ ايران خلاف شديد حملا ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا سينٽ ڪام جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اهي حملا اوڀر آمريڪا جي وقت مطابق اربع جي شام 8 وڳي (پاڪستاني وقت مطابق خميس جي صبح 5 وڳي) شروع ٿيا ۽ اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيا. آمريڪي ڪارروائي ۾ فوجي ڪمانڊ مرڪزن، ميزائل ۽ ڊرون ٺڪاڻن، سامونڊي ڪناري جي نگراني ۽ دفاعي ٺڪاڻن ۽ سامونڊي صلاحيتن کي نشانو بڻايو ويو. انهن آمريڪي حملن بعد ايران جي ڪيترن ئي شهرن مان ڌماڪن جا اطلاع مليا آهن. هرمزگان صوبي جي گورنر احمد نفيسي ٻڌايو ته خميس جي صبح 4 وڳي ٻيٽ قشم تي فضائي حملو ٿيو جنهن ۾ قشم شهر جي علائقي چاهه ٽنگو ۾ هڪ رهائشي يونٽ کي دشمن ميزائلن جو نشانو بڻايو. خوزستان جي نائب گورنر آبادان جي پسگردائي وارن علائقن تي حملن جو اطلاع ڏنو پر ان جي نتيجي ۾ ٿيل ڪنهن به امڪاني نقصان جي تفصيل هن وقت تائين سامهون ناهي آئي. خوزستان جي گهٽ ۾ گهٽ ڌئن شهرن شادگان، اروندڪنار، آبادان ۽ اهواز ۾ ڌماڪن جا آوز ٻڌا ويا. رڳو 7 ڌماڪن ٻڌا ويا. ان ئي دوران ابو موسيٰ ۽ ڪيش جي ٻيٽن کان علاوه قشم جي سامونڊي علائقي ۽ آبنائي هرمز ۾ به ڌماڪن جو اطلاع مليو. خميس جي صبح فارس صوبي جي شهرن نورآباد، ممسني ۽ ڪازرون مان به ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ جا اطلاع مليا آهن.










