شاهه لطيفؒ جو پيغام محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي خدمت تي ٻڌل آهي: گيانچند ايسراڻي

ڪراچي- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي واري کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي سالياني عرس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ سنڌ جي روح، ثقافت ۽ صوفي روايتن جو امين آهي. هن چيو ته شاهه لطيفؒ جو پيغام محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي خدمت تي ٻڌل آهي، جڏهن ته سندس تعليمات اڄ به …

ڪراچي- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي واري کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي سالياني عرس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ سنڌ جي روح، ثقافت ۽ صوفي روايتن جو امين آهي. هن چيو ته شاهه لطيفؒ جو پيغام محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي خدمت تي ٻڌل آهي، جڏهن ته سندس تعليمات اڄ به سماج ۾ امن، هم آهنگي ۽ برداشت جي قدرن کي هٿي ڏئي رهي آهي.گيانچند ايسراڻي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو فڪر ۽ فلسفو نئين نسل لاءِ مشعلِ راهه آهي ۽ قومي يڪجهتي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صوفي بزرگن جي تعليمات جي واڌاري ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو عرس سنڌ جي روحاني ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو اهم مظهر آهي.

مزید خبریں