ڪراچي- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس جي شروعات تي سمورن عقيدتمندن کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته صوفي بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليمات محبت، امن، رواداري ۽ انسان دوستي جو آفاقي پيغام آهي.پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو ڪلام سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ صوفي روايتن جو لازوال …
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو ڪلام سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ صوفي روايتن جو لازوال ورثو آهي: اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس جي شروعات تي سمورن عقيدتمندن کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته صوفي بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليمات محبت، امن، رواداري ۽ انسان دوستي جو آفاقي پيغام آهي.پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو ڪلام سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ صوفي روايتن جو لازوال ورثو آهي، جيڪو هر دور ۾ انسانيت کي محبت، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جو درس ڏيندو رهيو آهي.سيد اويس قادر شاهه چيو ته ڀٽ شاهه ۾ عرس جي موقعي تي عقيدتمندن جي ڀرپور شرڪت شاهه لطيفؒ سان سنڌ واسين جي گهري عقيدت ۽ محبت جو واضح اظهار آهي.هن وڌيڪ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو فڪر ۽ تعليمات اڄ به محبت، برداشت، قومي يڪجهتي ۽ ڀائيچاري جي واڌاري لاءِ مشعلِ راهه آهي، ۽ اسان سڀني کي سندس تعليمات تي عمل ڪندي امن ۽ هم آهنگي واري سماج جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.











