مائيڪرو سافٽ پاران سائبر سيڪيورٽي لاءِ خصوصي ماڊل ۽ نئون اي آءِ پليٽ فارم متعارف

واشنگٽن- 29 جولاءِ (اي پي پي) مائيڪرو سافٽ، سائبر سيڪيورٽي لاءِ خصوصي ماڊل ۽ نئون اي آءِ پليٽ فارم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق مائيڪرو سافٽ سائبر سيڪيورٽي لاءِ پنهنجو پهريون خصوصي ماڊل متعارف ڪرائڻ سان گڏ هڪ نئون اي آءِ سائبر سيڪيورٽي پليٽ فارم به لانچ ڪيو آهي. ڪمپني مطابق( MAI-Cyber-1-flash ) هڪ اهڙو ماڊل آهي جيڪو پيچيده ڪوڊ بيسز ۾ مشڪل نوعيت جي ڪمزورين جي نشاندهي لاءِ تيار ڪيو …

واشنگٽن- 29 جولاءِ (اي پي پي) مائيڪرو سافٽ، سائبر سيڪيورٽي لاءِ خصوصي ماڊل ۽ نئون اي آءِ پليٽ فارم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق مائيڪرو سافٽ سائبر سيڪيورٽي لاءِ پنهنجو پهريون خصوصي ماڊل متعارف ڪرائڻ سان گڏ هڪ نئون اي آءِ سائبر سيڪيورٽي پليٽ فارم به لانچ ڪيو آهي. ڪمپني مطابق( MAI-Cyber-1-flash ) هڪ اهڙو ماڊل آهي جيڪو پيچيده ڪوڊ بيسز ۾ مشڪل نوعيت جي ڪمزورين جي نشاندهي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. اهو ماڊل ايم ڊي اي ايس ايڇ کي فعال بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو سافٽ ويئر ۾ ڪمزورين جي نشاندهي ۽ ان جي ازالي لاءِ مائيڪرو سافٽ جو نظام آهي. نئين سيڪيورٽي پليٽ فارم جو نالو پرسيپشن آهي، جنهن کي مختلف سيڪيورٽي ورڪ فلو ۾ سهڪار ۽ ان کي ڀاڻ ڀرو بڻائڻ لاءِ اي آءِ ايجنٽس جون ٽيمون مقرر ڪرڻ جي مقصد سان تيار ڪيو ويو آهي. ان ڪم ۾ خامين جي نشاندهي ۽ ان جو ازالو به شامل آهي. اهو پليٽ فارم (ايم ڊي اي ايس ايڇ) سان به مربوط ٿي سگهي ٿو. مائيڪرو سافٽ چيو آهي ته نوان سيڪيورٽي ٽولز، 3 نومبر تي پري ويوز طور دستياب هوندا. رپورٽ مطابق نئون ماڊل سائبر جيم بينچ مارڪ تي 95.95 اسڪور حاصل ڪيو. جيڪو سافٽ ويئر جي ڪمزورين کي ٻيهر پيدا ڪرڻ جي ان صلاحيت جو جائزو وٺندو آهي.