سائبر فراڊ جي مرڪزن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ورغلائڻ جي رجحان ۾ اضافو ٿيو آهي: گڏيل قومن جو ادارو آءِ او ايم

گڏيل قومون _ 29 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي عالمي لڏپلاڻ بابت اداري ( آءِ او ايم)خبردار ڪيو آهي ته ڏوهاري نيٽ ورڪس لکين ماڻهن جي اسمگلنگ ڪري رهيا آهن . جنهن ۾ اڪثر اعليٰ تعليم يافته ۽ رواني سان انگريزي ڳالهائيندڙ آهن ته جيئن انهن کان سائبر فراڊ جي مرڪزن ۾ ڪم وٺي سگهجي . ان کان علاوه اهڙي طرح جي ڪيسن جي انگ ۾ مسلسل اضافو …

گڏيل قومون _ 29 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي عالمي لڏپلاڻ بابت اداري ( آءِ او ايم)خبردار ڪيو آهي ته ڏوهاري نيٽ ورڪس لکين ماڻهن جي اسمگلنگ ڪري رهيا آهن . جنهن ۾ اڪثر اعليٰ تعليم يافته ۽ رواني سان انگريزي ڳالهائيندڙ آهن ته جيئن انهن کان سائبر فراڊ جي مرڪزن ۾ ڪم وٺي سگهجي . ان کان علاوه اهڙي طرح جي ڪيسن جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عالمي اداري (آءِ او ايم) وضاحت ڪئي ته متاثر ماڻهن کي اڪثر جعلي ملازمت جي اشتهارن ذريعي ورغلايو ويندو آهي ، جيڪي اڪثر ڪري سوشل ميڊيا ذريعي شايع ڪيا ويندا آهن ۽ انهن ۾ پرڏيهه ڪم ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويندو آهي ۽ انهن ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ضبط ڪيا ويندا آهن ۽ تشدد، ڌمڪين ۽ قرضن جي غلامي ذريعي سائبر فراڊ جي ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ايمي پوپ جنيوا ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان هن وقت اهڙي طرح جي ڪيسن جي وڏي انگ کي ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته 80 کان وڌيڪ مختلف ملڪن جي متاثرن کي فراڊ جي ڪاررواين ۾ اسمگل ڪيو پيو وڃي . هن چيو ته هو اهڙن ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهيا آهن جيڪي رواني سان انگريزي ڳالهائيندا آهن ۽ اڪثر اعليٰ ڊگريون رکندڙ هوندا آهن، يا هڪ خاص تعليمي معيار رکندا آهن. ايمي پوپ اشارو ڪيو ته اهڙا واقعا خاص طورتي ايشيا ۾ پکڙجي رهيا آهن . عالمي اداري، ڊرگز اينڊ ڪرائم تي گڏيل قومن جي آفيس جي هڪ ڪاٿي جو حوالو ڏنو، جيڪو ان ڳالهه طرف اشارو ڪري ٿو ته وچ ايشيا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گذريل سال 114 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو . خطي ۾ پکڙيل فراڊ جي ڪمپائونڊ ۾ اسمگل ڪيل لکين ڪارڪن موجود ٿي سگهن ٿا. عالمي اداري جي رپورٽ مطابق سال 2022ع ۽ سال 2025 ع وچ ۾ جبري ڏوهن جو شڪار 3500 کان وڌيڪ ماڻهن کي امداد فراهم ڪئي آهي ، جن جي وڏڙن جو تعلق اٽڪل 40 ملڪن سان آهي . سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙن ۾ انڊونيشيا، ڀارت ، سريلنڪا ، ايٿوپيا ، ڪينيا ۽ بنگلاديش جا شهري آهن.