واشنگٽن- 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي سينيٽ، سيڪيورٽيزاينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي) جي اڳوڻي چيئرمين جي ڪليٽن کي نيشنل انٽيليجنس جو نئون ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سينيٽ پارٽي بنيادن تي ٿيل ووٽنگ ۾ 51 جي ڀيٽ ۾ 47 ووٽن سان جي ڪليٽن جي نامزدگي جي توثيق ڪئي. ان منظوري بعد هو آمريڪي انٽيليجنس ادارن ۾ اعليٰ ترين عهدي جون ذميواريون سنڀاليندو. جي ڪليٽن …
آمريڪي سينيٽ پاران جي ڪليٽن نيشنل انٽيليجنس جو نئون سربراهه مقرر

مزید خبریں
واشنگٽن- 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي سينيٽ، سيڪيورٽيزاينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي) جي اڳوڻي چيئرمين جي ڪليٽن کي نيشنل انٽيليجنس جو نئون ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سينيٽ پارٽي بنيادن تي ٿيل ووٽنگ ۾ 51 جي ڀيٽ ۾ 47 ووٽن سان جي ڪليٽن جي نامزدگي جي توثيق ڪئي. ان منظوري بعد هو آمريڪي انٽيليجنس ادارن ۾ اعليٰ ترين عهدي جون ذميواريون سنڀاليندو. جي ڪليٽن ان کان اڳ آمريڪي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي) جو چيئرمين، مشهور قانوني فرم سليوان اينڊ ڪروم ويل جو سربراهه ۽ نيو يارڪ جي ڏکڻ ضلعي جي آمريڪي اٽارني طور ڪم ڪري چڪو آهي. سندس هيءَ مقرري هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جون جي شروع ۾ بل پلٽي جي وقتي ڊائريڪٽر آف نيشنل انٽيليجنس مقرر ڪرڻ تي ٻنهي وڏين پارٽين پاران خدشن کي منهن ڏيڻو پيو هيو. بل پلٽي جيڪو اڳ ۾ فيڊرل هائوسنگ فنانس ايجنسي جو سربراهه هو. ڪليٽن جي تصديق تائين عبوري بنيادن تي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. آمريڪا ۾، 11 سيپٽمبر 2001ع جي دهشتگرد حملي کان پوءِ نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جي آفيس قائم ڪئي وئي. جنهن جو مقصد مختلف انٽيليجنس ايجنسين وچ ۾ بهتر هم آهنگي، تعاون ۽ معلومات جي حصيداري کي يقيني بڻائڻ آهي.











