جاپان جي صوبي ڪماموتو ۾ 7.1 جي شدت جي زلزلي سبب فوتگين جو انگ 13 ٿي ويو

ٽوڪيو- 29 جولاءِ (اي پي پي) جاپان جي صوبي ڪماموتو ۾ آيل 7.1 جي شدت جي طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ فوتگين جو انگ 13 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي ان جي تصديق ڪئي آهي. وزيراعظم صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 13 فوتگين جي تصديق ٿي چڪي آهي. انهن ۾ اهي فوتگيون به شامل آهن جن جي باري ۾ جاچ جاري آهي ته جيئن اهو …

ٽوڪيو- 29 جولاءِ (اي پي پي) جاپان جي صوبي ڪماموتو ۾ آيل 7.1 جي شدت جي طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ فوتگين جو انگ 13 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي ان جي تصديق ڪئي آهي. وزيراعظم صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 13 فوتگين جي تصديق ٿي چڪي آهي. انهن ۾ اهي فوتگيون به شامل آهن جن جي باري ۾ جاچ جاري آهي ته جيئن اهو معلوم ٿي سگهي ته انهن جو تعلق 7.1 جي شدت جي زلزلي سان آهي يا نه . هن چيو ته اڱاري ڏينهن آيل زلزلي سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي جنهن سان جاني نقصان ، عمارتن جي ڪري پوڻ، باهه لڳڻ جي واقعن ۽ روڊن کي نقصان پهچڻ شامل آهي. وزيراعظم موجب ڪيترائي ماڻهون ملبي هيٺ دٻيل آهن ۽ امدادي ٽيمون انهن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. واضح رهي ته اڱاري تي شام جو ڪماموتو صوبي ۾ 7.1 جي شدت جو زلزلو آيو هيو جنهن سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڪري پيون آهن. بجلي جي فراهمي متاٿر ٿي، ٽريفڪ جو نظام تباهه ٿي ويو جڏهن ته لاپتا ماڻهن جي ڳولا ۽ امدادي ڪارروايون جاري آهن.