ڀٽ شاهه- 29 جولاءِ(اي پي پي) پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر چيو آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ سنڌ جو عظيم صوفي بزرگ ۽ برک شاعر هو، جنهن جو پيغام سڄي انسانيت لاءِ محبت، ڀائيچاري، امن ۽ رواداري جو پيغام آهي. پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاهه پهچي مزار تي حاضري ڀري چادر …
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو پيغام محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو عالمي پيغام آهي: پنجاب جو گورنر

مزید خبریں
ڀٽ شاهه- 29 جولاءِ(اي پي پي) پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر چيو آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ سنڌ جو عظيم صوفي بزرگ ۽ برک شاعر هو، جنهن جو پيغام سڄي انسانيت لاءِ محبت، ڀائيچاري، امن ۽ رواداري جو پيغام آهي. پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاهه پهچي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سردار سليم حيدر چيو ته ڀٽ شاهه جي روحاني ننگري ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، اڳوڻو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مختلف وقتن تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي عرس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا رهيا آهن. چونڊن بابت سوال جي جواب ۾ سردار سليم حيدر چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪجهه تڪن جا نتيجا دير سان اچڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته شفاف ۽ بروقت چونڊ عمل جمهوريت جي مضبوطي لاءِ لازمي آهي ۽ چونڊون عوام جي اعتماد موجب ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين غريبن ۽ محروم طبقن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. هن چيو ته ميڊيا کي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن سنڌ جي بنيادي ڍانچي بابت ٿيندڙ تنقيد کي رد ڪندي چيو ته آئُون نواب شاهه کان ڀٽ شاهه تائين بهترين روڊن تان سفر ڪري آيو آهيان، تنهنڪري سنڌ کي کنڊر قرار ڏيڻ حقيقتن جي ابتڙ آهي.










