ايڇ ٽي سورلي هال ۾ سگهڙن جي ڪچهري، پنجاب جي گورنر جي شرڪت

ڀٽ شاهه- 29 جولاءِ (اي پي پي) لاکيڻي لطيف حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جي سلسلي ۾ ايڇ ٽي سورلي هال ۾ سگهڙن جي ڪچهري منعقد ٿي، جنهن ۾ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي ثقافت، سياحت، آثارِ قديمه ۽ آرڪائيوز وارو وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پڻ ساڻس گڏ موجود هو. سگهڙ ڪچهري …

ڀٽ شاهه- 29 جولاءِ (اي پي پي) لاکيڻي لطيف حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جي سلسلي ۾ ايڇ ٽي سورلي هال ۾ سگهڙن جي ڪچهري منعقد ٿي، جنهن ۾ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي ثقافت، سياحت، آثارِ قديمه ۽ آرڪائيوز وارو وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پڻ ساڻس گڏ موجود هو. سگهڙ ڪچهري کي خطاب ڪندي پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ اهڙي عظيم هستي آهن، جن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ اڄ جي دور جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته شاهه لطيفؒ پنهنجي لازوال ڪلام ذريعي اسلام، محبت، انسانيت، اخوت ۽ امن جو پيغام عام ڪيو، جيڪو اڄ به سڄي قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته صوفي بزرگن جي تعليمات نفرتن جو خاتمو ڪري سماج ۾ محبت، برداشت ۽ اتحاد کي هٿي ڏي ٿي، جڏهن ته نئين نسل کي ان تعليمات کان آگاهه ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. ان موقعي تي سنڌ جي ثقافت، سياحت، آثارِ قديمه ۽ آرڪائيوز واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليمات سنڌ سميت سموري انسانيت جو قيمتي اثاثو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هر سال عرس مبارڪ جي موقعي تي ادبي، ثقافتي ۽ روحاني تقريبن ذريعي شاهه لطيفؒ جي فڪر، فلسفي، محبت، امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سگهڙن جي ڪچهري سنڌ جي صديون پراڻي ادبي ۽ ثقافتي روايت جي خوبصورت عڪاسي آهي. تقريب دوران سنڌ جي ناميارن صوفي فنڪارن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو ڪلام سُرن ۽ ساز جي دلڪش ڌنن ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته سگهڙن پنهنجي شاعري، لوڪ ادب، دانائي ۽ فڪري اظهار ذريعي شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد حاصل ڪيو. هال ۾ موجود شرڪت ڪندڙن صوفياڻي ڪلامن ۽ ثقافتي پروگرامن مان لطف اندوز ٿيا. تقريب جي پڄاڻيءَ تي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان سميت ٻين مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا، جڏهن ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي لازوال ڪلام تي ٻڌل شهره آفاق ڪتاب "شاهه جو رسالو” پڻ تحفي طور ڏنو .ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش ذاڪر، ايس ايس پي مٽياري عبدالعليم بلوچ، ضلعي انتظاميه جي ٻين آفيسرن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، دانشورن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں