ڀٽ شاهه- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليمات جي هِن وقت سڄي ملڪ، خاص طور بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ ٻين علائقن ۾ اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر جي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي عرس ۾ شرڪت بين الصوبائي هم آهنگي ۽ صوفي ثقافت سان محبت جو اظهار …
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليمات جي هِن وقت سڄي ملڪ، خاص طور بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ ٻين علائقن ۾ اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي: سيد ذوالفقار علي شاهه

مزید خبریں
ڀٽ شاهه- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليمات جي هِن وقت سڄي ملڪ، خاص طور بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ ٻين علائقن ۾ اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر جي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي عرس ۾ شرڪت بين الصوبائي هم آهنگي ۽ صوفي ثقافت سان محبت جو اظهار آهي. سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي تعليمات محبت، امن، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو درس ڏي ٿي، جنهن جي اڄ سڄي ملڪ، خاص طور بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ ٻين علائقن ۾ اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي. هن چيو ته صوفي بزرگن جي تعليمات اسان جي روحاني ۽ تهذيبي ورثي جو قيمتي سرمايو آهن. هن ٻڌايو ته عرس جي تقريبن دوران ڪلچرل وليج، سگهڙن جي ڪچهري ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. هِن چيو ته پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر پاران ڀٽ شاهه ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي عرس ۾ شرڪت بين الصوبائي هم آهنگي ۽ صوفي ثقافت سان محبت جو اظهار آهي، اسان سندس ٿورائتا آهيُون.










