حيدرآباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي اربع ڏينهن هالا پهتو ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جي مزار تي حاضري ڀري مزار تي گلن جي چاڌر چاڙهي، فاتحه پڙهي ۽ ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري، جڏهن ته هُن مخدوم شاهنواز جي مزار تي پُڻ حاضري ڀري فاتحه پڙهي. جڏهن ته ان بعد صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر سيد …
سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي جي هالا ۾ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جي مزار تي حاضري، گلن جي چاڌر چاڙهي فاتحه پڙهي

مزید خبریں
حيدرآباد- 29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي اربع ڏينهن هالا پهتو ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جي مزار تي حاضري ڀري مزار تي گلن جي چاڌر چاڙهي، فاتحه پڙهي ۽ ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري، جڏهن ته هُن مخدوم شاهنواز جي مزار تي پُڻ حاضري ڀري فاتحه پڙهي. جڏهن ته ان بعد صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو ته هالا ۾ مخدوم نوح سرور جي مزار تي حاضري منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. اسان جي صوفين سدائين پيار، ڀائيچاري، رواداري ۽ امن جو سبق ڏنو آهي. هن چيو ته اسان کي صوفين جي امن، پيار ۽ ڀائيچاري جو پيغام پکيڙڻو آهي.











