سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ  جو 283هون ساليانو عرس 29 جولاءِ کان ڀٽ شاھ ۾ شروع ٿيندو، سنڌ جو گورنر محمد نھال ھاشمي درگاھ تي چادر چاڙھي عرس جو افتتاح ڪندو، سمورا انتظام مڪمل

حيدرآباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ  جو 283هون ساليانو عرس 29 جولاءِ کان ڀٽ شاھ ۾ شروع ٿيندو، سنڌ جو گورنر محمد نھال ھاشمي درگاھ تي چادر چاڙھي عرس جو افتتاح ڪندو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر فياض حسين عباسي درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو …

حيدرآباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ  جو 283هون ساليانو عرس 29 جولاءِ کان ڀٽ شاھ ۾ شروع ٿيندو، سنڌ جو گورنر محمد نھال ھاشمي درگاھ تي چادر چاڙھي عرس جو افتتاح ڪندو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر فياض حسين عباسي درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو دورو ڪيو، مزار مبارڪ تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن موجب عرس مبارڪ جي ڪامياب، پُرامن ۽ شاندار انعقاد لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ثقافت کاتي، اوقاف کاتي، لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن پاران مختلف تقريبن ۽ پروگرامن جا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته زائرين جي سهولت لاءِ پڻ جامع انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا مٽياري ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن گڏيل سهڪار ۽ مؤثر رابطي سان زائرين کي بهترين ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن. سيڪيورٽي، ٽريفڪ مئنيجمينٽ، صفائي سٿرائي، طبي سهولتن، بجلي، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي، جيئن عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عقيدتمندن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي. ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن گورنر سنڌ محمد نھال ھاشمي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته پڄاڻي واري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي آمد متوقع آهي. هن لاڳاپيل سمورن ادارن کي هدايت ڪئي ته عرس جي پڄاڻي تائين پنهنجون ذميواريون مڪمل محنت، ذميواري ۽ بهتر رابطي سان سرانجام ڏين. دوري دوران ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش ذاڪر، ايس ايس پي عبدالعليم بلو، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پڻ ڪمشنر حيدرآباد سان گڏ انتظامن جو جائزو ورتو.

مزید خبریں