عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جنسن ۾ گڏيل رجحان رهيو

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ جنسن جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جا سيپٽمبر لاءِ سودا 1.30 ڊالر گهٽتائي سان 81.31 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جي سيٽپمبر لاءِ سودا 1.72 ڊالر جي گهٽتائي سان 86.64 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. ڪاروباري سرگرمين …

اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ جنسن جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جا سيپٽمبر لاءِ سودا 1.30 ڊالر گهٽتائي سان 81.31 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جي سيٽپمبر لاءِ سودا 1.72 ڊالر جي گهٽتائي سان 86.64 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. ڪاروباري سرگرمين دوران سون جي قيمت ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ٿي ۽ سون جي قيمت 26.60 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4109.80 ڊالر في اونس ۽ چانديءَ جي قيمت 1.10 ڊالر گهٽجي 57.62 ڊالر في اونس تي اچي وئي. ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ گڏيل رجحان رهيو، مڪئي جا ڊسمبر لاءِ سودا 0.25 ڊالر اضافي سان 474.25 ڊالر في بشل، جڏهن ته ڪڻڪ جا سيٽپمبر لاءِ سودا 5.25 ڊالر جي گهٽتائي سان 654.75 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا.

مزید خبریں