بدين ۾ هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي

بدين-28 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ضلعي صحت کاتي بدين پاران عوام ۾ بيماري بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ صحت کاتي جي آفيسرن، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻين عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءَ بابت شعوري بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا، جڏهن ته شهرين کي احتياطي تدبيرن بابت …

بدين-28 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ضلعي صحت کاتي بدين پاران عوام ۾ بيماري بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ صحت کاتي جي آفيسرن، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻين عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءَ بابت شعوري بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا، جڏهن ته شهرين کي احتياطي تدبيرن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي صحت آفيسر (ڊي ايڇ او) بدين ڊاڪٽر زاهد سولنگي، ڊاڪٽر ممتاز چانڊيو، ڊاڪٽر ذوالفقار جمالي ۽ ڊاڪٽر عباس شاهه خطاب ڪندي چيو ته هيپاٽائيٽس هڪ خطرناڪ پر مڪمل طور قابلِ علاج مرض آهي، جنهن جي بروقت سڃاڻپ، اسڪريننگ، علاج ۽ احتياطي قدمن سان ان تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هنن چيو ته هيپاٽائيٽس کان بچڻ لاءِ محفوظ ۽ چڪاسيل رت جي منتقلي، سدائين نئين ۽ جراثيم کان پاڪ سرنجن جو استعمال، غير محفوظ طبي اوزارن کان پاسو، ذاتي صفائي ۽ حفاظتي طريقن تي عمل انتهائي ضروري آهي. هنن وڌيڪ چيو ته هر شهري کي گهرجي ته هو وقت سر هيپاٽائيٽس جي اسڪريننگ ڪرائي، ڪنهن به علامت جي صورت ۾ فوري طور ويجهي صحت مرڪز سان رابطو ڪري ۽ ڊاڪٽر جي هدايت موجب علاج جاري رکي. صحت آفيسرن چيو ته عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ سان نه رڳو هن مرض جي پکڙجڻ کي روڪي سگهجي ٿو، پر هزارين قيمتي جانيون پڻ بچائي سگهجن ٿيون. هنن شهرين تي زور ڏنو ته هو احتياط کي پنهنجي روزمره جي زندگي جو حصو بڻائين ۽ هيپاٽائيٽس کان پاڪ معاشري جي قيام لاءِ صحت کاتي سان ڀرپور سهڪار ڪن.

مزید خبریں