گڏيل قومن-28 جولاءِ (اي پي پي) چين، يوڪرين ۾ فوري جنگبندي ۽ ڳالهين ذريعي بحران جي سياسي حل تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل مشن جي ناظم الامور سن لي، يوڪرين بابت سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻوڪن ڪيترن ئي حملن ۾ ٻنهي طرفان وڏو جاني نقصان ٿيو آهي ۽ بنيادي ڍانچي کي به سخت نقصان پهتو آهي، …
چين پاران يوڪرين ۾ فوري جنگبندي، ڳالهين ذريعي بحران جي سياسي حل تي زور
گڏيل قومن-28 جولاءِ (اي پي پي) چين، يوڪرين ۾ فوري جنگبندي ۽ ڳالهين ذريعي بحران جي سياسي حل تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل مشن جي ناظم الامور سن لي، يوڪرين بابت سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻوڪن ڪيترن ئي حملن ۾ ٻنهي طرفان وڏو جاني نقصان ٿيو آهي ۽ بنيادي ڍانچي کي به سخت نقصان پهتو آهي، جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. هن چيو ته فوري ترجيح جنگبندي ۽ ويڙهه جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ڇو ته جنگ ۾ وڌيڪ شدت سان شهرين جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته فوري جنگ بندي ۽ ويڙهه جو خاتمو سمورن لاڳاپيل ڌرين جي بنيادي ۽ ڊگهي مدي جي مفاد ۾ آهي ۽ اها ئي عالمي برادري جي گڏيل خواهش به آهي. سن لي شهرين ۽ شهري بنيادي ڍانچي تي حملو فوري طور تي بند ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته سموريون ڌريون تحمل جو مظاهرو ڪن، عالمي انساني قانون جي مڪمل پاسداري ڪن ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن ته جيئن جلد امن جي راهه هموار ٿي سگهي. هن چيو ته بحران جو بنيادي حل ڳالهين ۾ آهي. لاڳاپيل ڌرين کي سياسي عزم جو مظاهرو ڪندي ڳالهين ذريعي اعتماد سازي، اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ هڪ جامع، ديرپا ۽ پابند امن معاهدي تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.











