سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

حيدرآباد-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي صدارت ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ تعليمي سال 2027ع لاءِ بيچلرس ڊگري پروگرامن ۽ بي ايس ٽئين سال جي داخلائن جي شيڊيول جي يڪراءِ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پرو وائيس چانسلر مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، پرو وائيس چانسلر دادو ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، …

حيدرآباد-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي صدارت ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ تعليمي سال 2027ع لاءِ بيچلرس ڊگري پروگرامن ۽ بي ايس ٽئين سال جي داخلائن جي شيڊيول جي يڪراءِ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پرو وائيس چانسلر مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، پرو وائيس چانسلر دادو ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، مختلف فئڪلٽين جا ڊين، ڊائريڪٽر فنانس، ٻنهي امتحانن وارن ڪنٽرولرن، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر، انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز سينٽر جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تفصيلي غور ويچار کان پوءِ بيچلرس ڊگري پروگرامن ۽ بي ايس ٽئين سال جي داخلائن بابت تجويز ڪيل شيڊيول جي متفقه منظوري ڏني وئي. منظور ڪيل شيڊيول موجب داخلائن جي اشتهاري مهم 9 آگسٽ 2026ع تي شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته يونيورسٽي جي آن لائين ايڊميشن ويب پورٽل ذريعي رجسٽريشن جو آغاز 10 آگسٽ 2026ع کان ٿيندو. آن لائين داخلا فارمن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 11 سيپٽمبر 2026ع مقرر ڪئي وئي آهي. بيچلرس ڊگري پروگرامن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 4 آڪٽوبر 2026ع تي ورتي ويندي، جڏهن ته ايل ايل ايم ايوننگ ڊگري پروگرام جي پري انٽري ٽيسٽ 1 نومبر 2026ع تي منعقد ٿيندي. پهرين عارضي ميرٽ/سيلڪشن لسٽ 10 نومبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي. اميدوارن کي 10 کان 12 نومبر تائين اعتراض داخل ڪرائڻ جو موقعو ڏنو ويندو، اعتراضن جي ازالي بعد نظرثاني ٿيل پهرين عارضي ميرٽ لسٽ 15 نومبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي. چونڊيل اميدوار 16 نومبر کان 27 نومبر 2026ع تائين داخلا فيس جمع ڪرائڻ سان گڏ مئٽرڪ، انٽرميڊيئيٽ، ڊوميسائيل، پي آر سي ۽ مارڪ سرٽيفڪيٽن سميت گهربل دستاويز جمع ڪرائيندا. ٻي عارضي ميرٽ لسٽ 1 ڊسمبر 2026ع تي جاري ٿيندي. 2 ڊسمبر تي اعتراضن جي ٻڌڻي ۽ ازالي کانپوءِ نظرثاني ٿيل ٻي ميرٽ لسٽ 3 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته ان لسٽ جي چونڊيل اميدوارن کان فيون 4 ڊسمبر کان 11 ڊسمبر 2026ع تائين وصول ڪيون وينديون. ٽئين عارضي ميرٽ لسٽ ۽ بچيل سيٽن لاءِ پهرين اسپيشل لسٽ 15 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته فيس 15 کان 19 ڊسمبر 2026ع تائين جمع ڪرئي ويندي. چوٿين عارضي ميرٽ لسٽ ۽ بچيل سيٽن لاءِ ٻي اسپيشل لسٽ 22 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته فيس 22 کان 26 ڊسمبر 2026ع تائين وصول ڪئي ويندي. پنجين عارضي ميرٽ لسٽ ۽ بچيل سيٽن لاءِ ٽين اسپيشل لسٽ 29 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته چونڊيل اميدوار 29 ڊسمبر 2026ع کان 2 جنوري 2027ع تائين داخلا فيس جمع ڪرائي سگهندا. منظور ڪيل شيڊيول موجب تعليمي سال 2027ع جا باقاعده ڪلاس 4 جنوري 2027ع شروع ٿيندا. اجلاس کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته داخلا عمل جي هر مرحلي کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ اميدوارن کي شفاف، مؤثر، تيز رفتار ۽ مڪمل ميرٽ تي ٻڌل داخلا نظام تحت وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

مزید خبریں