لاڙڪاڻو-28 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ، ميئر انور علي لهر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر راجا خان قريشي جي هدايتن تي ميونسپل جي ٽيم طرفان شهر جي مک ڪاروباري مرڪز بندر روڊ، شاهي بازار، پاڪستاني چوڪ، جيلس بازار، بئنڪ اسڪوائر روڊ سميت ٻين علائقن ۾ حدد خلين خلاف ڪاروايون ڪندي غير قانوني طريقي سان روڊن ۽ رستن تي پيل سامان کڻائي انڪروچمينٽ ڪندڙ واپارين ۽ …
ڊي سي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي ميونسپل ٽيم طرفان شهر جي مک ڪاروباري مرڪزن سميت ٻين علائقن ۾ حدد خلين خلاف ڪارروايون، وارننگ جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-28 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ، ميئر انور علي لهر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر راجا خان قريشي جي هدايتن تي ميونسپل جي ٽيم طرفان شهر جي مک ڪاروباري مرڪز بندر روڊ، شاهي بازار، پاڪستاني چوڪ، جيلس بازار، بئنڪ اسڪوائر روڊ سميت ٻين علائقن ۾ حدد خلين خلاف ڪاروايون ڪندي غير قانوني طريقي سان روڊن ۽ رستن تي پيل سامان کڻائي انڪروچمينٽ ڪندڙ واپارين ۽ دڪاندارن کي وارنگ جاري وئي ته حدد خليون ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽيم جو چوڻ هيو ته ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ۽ ميئر لاڙڪاڻو انور علي لهر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر راجا خان قريشي جي خاص هدايتن تي اڄوڪي ڪاروائي ڪئي پئي وڃي ته جيئن شهرين کي اچ وڃ ۾ ڪا تڪليف نه پهچي ۽ شهر اندر ٽرئفڪ جو نظام پڻ بهتر ٿي سگهي. هنن چيو ته روڊن ۽ رستن تي غير قانوني طريقي سان حدد خليون ڪندڙ واپارين توڙي دڪاندارن جو سامان مڪمل طور تي کڻايو ويو آهي ۽ کين سختي سان وارنگ ڏني وئي آهي ته هو ٻيهر اهڙو عمل ڪرڻ کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪئي ويندي جڏهن ته شهر توڙي شهرين جي بهتري لاءِ انڪروچمينٽ ٽيم طرفان اڳتي به اهڙي قسم جون ڪاروايون جاري رهنديون.










