حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير حل ڪيا وڃن: صوبائي محتسب سنڌ جو ريجنل ڊائريڪٽر

لاڙڪاڻو-28 جولاءِ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير حل ڪيا وڃن. پگھارون، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ادا ڪيون وڃن ۽ جن بابت رڪاوٽون درپيش آهن انهن کي اي جي سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻو ۾ …

لاڙڪاڻو-28 جولاءِ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا دير حل ڪيا وڃن. پگھارون، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ادا ڪيون وڃن ۽ جن بابت رڪاوٽون درپيش آهن انهن کي اي جي سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻو ۾ ملازمن جي مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ کليل ڪچهريءَ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جن به ملازمن جون رهتون خاص طور تي جي پي فنڊ ۽ پينشن رهيل آهن انهن کي وقت سر ادائگي ڪيون وڃن ته جيئن کين ڪا به تڪليف درپيش نه اچي. هن چيو ته انهن ملازمن بابت تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي جن کي ادائگيون ڪيون ويون آهن ۽ جن کي ادائگيون نه ٿيون آهن انهن بابت پڻ ٻڌايو وڃي. هن ان موقعي تي درخواست گذارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اسان جي آفيس ۾ اچي ڪاغذات مڪمل جمع ڪرايو ته جيئن انهن کي مجاز اختيارين ڏانهن موڪلي سگھجي.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو ضمير حسين کوکر ڳالهائيندي چيو ته سڀني ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي دير نه ڪئي پئي وڃي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ملازمن جا گھربل ڪاغذات پورا هئڻ گھرجن ۽ قانوني گهرجون پوريون هئڻ گھرجن. هن وڌيڪ چيو ته 1986ع يا ان کانپوءِ جيڪي پراڻا ڪيس آهن انهن جي منظوري لاءِ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ڏانهن موڪلينداسين ته جيئن اهي حل ٿي سگھن. کليل ڪچهريءَ ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو عبدالفتاح سومرو آفيس جي عملي کي هدايتون ڏيندي چيو ته جن ماڻهن جا ڪيس خاص طور تي جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون رهيل آهن اهي اڪلايون وڃن. هن اهو پڻ چيو ته جن به ملازمن جون پينشن ۽ ٻيا بقاياجات رهيل آهن اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي اجازت کانپوءِ ان جي ادائيگي ڪئي ويندي. کليل ڪچهريءَ ۾ تقريبن 10 شڪايتون وصول ٿيون جيڪي وقت سر اڪلايون ويون. درخواستگذارن ۾ عبدالحق، عابد حسين ۽ ٻيا پڻ شامل هئا، جيڪي مختلف سرڪاري کاتن سان واسطور رکندڙ هئا. کليل ڪچهريءَ ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر (ٽو) عبدالرشيد ڏهر ۽ ٻيا واسطيدار عملدار پڻ موجود هئا.