لاڙڪاڻو-28 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ امن جي پکي ڪبوتر اڏائڻ جو ساليانو ٽورنامينٽ منعقد ٿيو، ڪيترن ئي شوقينن ڪبوتربازي جو مظاهرو ڪيو. اڱاري ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ پکين جي يونين شهيد محترمه بينظير ڀٽو شهر جي وڏي مڇي مارڪيٽ ۾ امن جي پکي ڪبوتر اڏائڻ جو ساليانو ٽورنامينٽ منعقد ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ دڙي ٽائون جي چيئرمين شاھ رخ انور سيال خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي منعقد …
لاڙڪاڻي ۾ ڪبوتر اڏائڻ جو ساليانو ٽورنامينٽ. وزير احمد لغاري جي ڪبوتر ميدان ماري ورتو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-28 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ امن جي پکي ڪبوتر اڏائڻ جو ساليانو ٽورنامينٽ منعقد ٿيو، ڪيترن ئي شوقينن ڪبوتربازي جو مظاهرو ڪيو. اڱاري ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ پکين جي يونين شهيد محترمه بينظير ڀٽو شهر جي وڏي مڇي مارڪيٽ ۾ امن جي پکي ڪبوتر اڏائڻ جو ساليانو ٽورنامينٽ منعقد ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ دڙي ٽائون جي چيئرمين شاھ رخ انور سيال خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي منعقد ڪيل ٽورنامينٽ ۾ لاڙڪاڻي شهر سان واسطو رکندڙ ڪبوترن جي 80 شوقينن حصو وٺي ڪبوتربازي جو مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ پهرين پوزيشن وزير احمد لغاري جي ڪبوتر حاصل ڪري سونو تاج پنهنجي نالي ڪري ورتو، جڏهن ته ٻي پوزيشن ضمير عمراڻي جي ڪبوتر حاصل ڪري موٽرسائيڪل انعام طور حاصل ڪئي ۽ ٽئين پوزيشن سيد صدام حسين شاھ جي ڪبوتر حاصل ڪئي، جنهن کي روڪ رقم 80 هزار انعام طور ڏني وئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين دڙي ٽائون شاھ رخ انور سيال چيو ته اڄوڪي هن پروگرام ۾ شرڪت ڪري مونکي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي شهر اندر ٻين سرگرمين سان گڏ هي سرگرمي به اهميت رکي ٿي ۽ اميد آهي ته اڳتي به اهڙي قسم جون سرگرميون جاري رهنديون. ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪبوتر يونين جي سرپرست اعليٰ استاد حضور بخش ميمڻ، صدر محمد صديق جتوئي، چيئرمين محرم وڪو، اويس علي شيخ، عرفان چانڊيو، جاويد اعواڻ ۽ ٻين مهمان خاص شاھ رخ انور سيال کي سنڌ جي ثقافت پٽڪو، اجرڪ، گلن جا هار پارائڻ سان گڏ کيس مڃتا طور شيلڊ پڻ ڏني.











