پاڪستان پاران روس-يوڪرين جنگ ۾ شدت تي ڳڻتي جو اظهار، فوري جنگ بندي ۽ سفارتڪاري جي بحالي جو مطالبو

گڏيل قومون-28 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان، روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ ۾ شدت، شهرين جي وڌندڙ فوتگين ۽ عالمي غذائي ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ سفارتي ڳالهين جي بحالي تي زور ڀريو آهي.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته جنگ جا …

گڏيل قومون-28 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان، روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ ۾ شدت، شهرين جي وڌندڙ فوتگين ۽ عالمي غذائي ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ سفارتي ڳالهين جي بحالي تي زور ڀريو آهي.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته جنگ جا اثر رڳو لاڳاپيل ملڪن تائين محدود نه رهندا پر دنيا جي ٻين خطن ، خاص ڪري اسرندڙ ملڪن ۾ به عوام جي زندگين ۽ معاشي حالتن کي سخت متاثر ڪري رهيا آهن. پاڪستاني نمائندي انساني امدادي ڪارڪنن ۽ لاڳاپيل ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي اطلاعن تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو عمل ناقابل قبول ۽ مذمت جوڳو آهي.هن ڌرين تي زور ڀريو ته اهي عالمي انساني قانونن جي مڪمل پاسداري ڪن. پاڪستاني نمائندي چيو ته جٽادار امن ۽ استحڪام رڳو سنجيده ۽ بي معنيٰ ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي جڏهن ته فوجي حل جون ڪوششون وڌيڪ تباهي، انساني حياتين جي نقصان ۽ خطي کان ٻاهر ناڪاري اثرن جو سبب بڻجنديون. هن سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ 2774 تي عمل درآمد جي ضرورت تي به زور ڀريو، جنهن کي آمريڪا پيش ڪيو هو ۽ پاڪستان سميت ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ان جي حمايت ڪئي. ان قرارداد ۾ تڪرارن جي پر امن حل، جنگ جي فوري خاتمي ۽ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ڊگهي امن تي زور ڀريو ويو آهي. هي اجلاس يوڪرين جي گذارش تي طلب ڪيو ويو هو، جنهن ۾ گڏيل قومن جي اختيارين خبردار ڪيو ته يوڪرين ۾ شدت اختيار ڪيل جنگ ۽ اسود سمنڊ جي بندرگاهن تي مسلسل حملا شهرين جي جانين، سامونڊي واپار ۽ عالمي غذائي تحفظ لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪا آهن.

مزید خبریں