آگسٽ دوران مُلڪ جي اڪثر علائقن ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي:سعودي اختياريون

رياض-28 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي موسميات بابت قومي مرڪز چيو آهي ته آگسٽ مهيني دوران مملڪت جي اڪثر علائقن ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه سعودي عرب جي موسميات بابت قومي مرڪز جي ترجمان هڪ بيان ۾ چئي آهي. هن چيو ته آگسٽ گرمين جي موسم جو آخري مهينو آهي. مملڪت جي اڪثر علائقن ۾ گرمي پد معمول …

رياض-28 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي موسميات بابت قومي مرڪز چيو آهي ته آگسٽ مهيني دوران مملڪت جي اڪثر علائقن ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه سعودي عرب جي موسميات بابت قومي مرڪز جي ترجمان هڪ بيان ۾ چئي آهي. هن چيو ته آگسٽ گرمين جي موسم جو آخري مهينو آهي. مملڪت جي اڪثر علائقن ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. ترجمان چيو ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي مان ظاهر ٿئي ٿو ته گرمي جي موسم برقرار رهڻ سبب مملڪت جي اڪثر علائقن ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهندو. هن چيو ته جازان ۽ الباحه سان گڏوگڏ تبوڪ، مدينه منوره، مڪه مڪرمه، عسير، نجران ۽ الشرقيه ريجن جي علائقن ۾ برسات معمول موجب پوڻ جو امڪان آهي. هن شهرين تي زور ڀريو ته هو قومي مرڪز مان جاري ڪيل موسمياتي اڳڪٿي ۽ هدايتن تي عمل ڪن. آگست دوران گرمي پد ۾ اضافي سميت ۽ تيز هوائون هلڻ جو به امڪان آهي. ياد رهي ته سعودي عرب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄڪلهه گرمي جي لهر جاري آهي.

مزید خبریں