اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ دور 4 کان 6 آگست تائين روم ۾ ٿيندو: آمريڪا

واشنگٽن-28 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ دور 4 کان 6 آگسٽ تائين اٽلي جي گادي واري هنڌ روم ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اسرائيل ۽ لبنان وچ طئي ٿيندڙ فريم ورڪ معاهدي تي مڪمل عمل در آمد کي اڳتي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي هڪ …

واشنگٽن-28 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ دور 4 کان 6 آگسٽ تائين اٽلي جي گادي واري هنڌ روم ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اسرائيل ۽ لبنان وچ طئي ٿيندڙ فريم ورڪ معاهدي تي مڪمل عمل در آمد کي اڳتي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته ڳالهين ۾ پائلٽ زونز جي عمل کي وڌائڻ، سرحدي تقرار جي سمورن معاملن کي حل ڪرڻ ۽ گڏيل امن سلامتي جي معاهدي طرف اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. فريم ورڪ معاهدو 2 مارچ تي اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ سامهون آيو هيو جنهن جو مقصد تڪرار جو خاتمو هيو. معاهدي تحت اسرائيلي فوج کي ڏکڻ لبنان جي ٻن پائلٽ زونز مان مرحليوار خالي ڪرڻو هوندو جڏهن ته لبنان جي فوج کي ڏکڻ پاسي وارن علائقن ۾ مقرر ڪيو ويندو.

مزید خبریں