مڪو شريف-28 جولاءِ (اي پي پي) رابطه عالم اسلامي (مسلم ورلڊ ليگ ) سعودي عرب تي ڪيل حملن جي مذمت ڪندي ڊورونز کي وقت تي تباهه ڪرڻ ۽ حملو ناڪام بڻائڻ تي سعودي اختيارين جي اعلى صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطه عالم اسلامي جي جنرل سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ۽ تنظيم علماءِ مسلمين جي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبد الڪريم …
رابطه عالم اسلامي پاران سعودي عرب تي ڊرون حملن جي مذمت، مُلڪ سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار
مڪو شريف-28 جولاءِ (اي پي پي) رابطه عالم اسلامي (مسلم ورلڊ ليگ ) سعودي عرب تي ڪيل حملن جي مذمت ڪندي ڊورونز کي وقت تي تباهه ڪرڻ ۽ حملو ناڪام بڻائڻ تي سعودي اختيارين جي اعلى صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطه عالم اسلامي جي جنرل سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ۽ تنظيم علماءِ مسلمين جي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبد الڪريم العيسي انهن حملن کي سمورن مذهبي قدرن، عالمي انساني قانون ۽ عالمي اصولن جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي. هن رابطه عالم اسلامي جي ڪائونسلن، ادارن، عالمي اسيمبلين ۽ تنظيم جي ماتحت نمائندگي ڪندڙ مسلمان امت طرفان سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مملڪت پنهنجي سلامتي، خودمختياري ۽ شهرين ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي تحفظ لاءِ جيڪي به قدم کڻندي، تنظيم انهن جي مڪمل حمايت ڪندي.











