سنڌ جي وڏي وزير سان عالمي بينڪ جي پاڪستان لاءِ ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات،ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تيز رفتار روڊ ميپ تي اتفاق

ڪراچي- 27 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بئنڪ جي پاڪستان لاءِ ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمگابازار سومر ڏينهن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو، ۽ ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ تيز رفتار روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو. ورلڊ بئنڪ جي وفد ۾ آپريشنز آفيسر حنا سليم لوٽيا، …

ڪراچي- 27 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بئنڪ جي پاڪستان لاءِ ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمگابازار سومر ڏينهن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو، ۽ ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ تيز رفتار روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو. ورلڊ بئنڪ جي وفد ۾ آپريشنز آفيسر حنا سليم لوٽيا، سينيئر واٽر اسپيشلسٽ ٽيزيانا سمٿ، سينيئر واٽر سپلائي اينڊ سينيٽيشن اسپيشلسٽ محمد فرحان الله سميع، سينيئر ڊزاسٽر ريسڪ مينيجمينٽ اسپيشلسٽ ڪامران اڪبر (ويڊيو لنڪ ذريعي)، سينيئر پروڪيورمينٽ اسپيشلسٽ اي اين ايم مستفيض الرحمان، پروڪيورمينٽ اسپيشلسٽ سيد وجاهت علي شاهه، انوائرنمينٽل اسپيشلسٽ ندا آصف، سوشل ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ ساره کوکر، انوائرنمينٽل اسپيشلسٽ عباد الرحمان ۽ ٻيا ماهر شامل هئا. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پيئڻ جي صاف پاڻي تائين رسائي کي بهتر بنائڻ ۽ ڪراچي جي پاڻي ۽ سيوريج نيٽ ورڪ کي جديد بڻائڻ سنڌ حڪومت جي اعليٰ ترين ترجيحن ۾ شامل آهي.وڏي وزير چيو ته ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي جو هڪ بنيادي ترقياتي مقصد ڪراچي جي تقريبن ٻه ملين رهواسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي رسائي فراهم ڪرڻ آهي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته ڪلورينيشن اسٽيشنن کي مقرر ڪيل هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي چالو ڪرڻ جو ڪم جاري آهي. پاڻي جي معيار جي جاچ 30 جولاءِ 2026 کان شروع ٿيڻ جي اميد آهي. وڏي وزير  ڪراچي واٽر ڪارپوريشن۽ پروجيڪٽ مينيجمينٽ ٽيمن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪميشننگ ۽ جاچ جي سرگرمين کي بنا دير مڪمل ڪن ۽ پاڻي جي معيار جي معيارن کي سختي سان برقرار رکڻ کي يقيني بڻائين. مراد شاهه چيو هن پروجيڪٽ جي آخري ڪاميابي جو اندازو شهرين تي ان جي اثرن مان لڳايو ويندو. هر گهر کي صاف، محفوظ ۽ ڀروسي جوڳو پاڻي ملڻ گهرجي. وقت جي پابندين کي ڪراچي جي عوام سان ڪيل واعدو سمجهيو وڃي. ملاقات ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪراچي واٽر ڪارپوريشن ڪاميابيءَ سان پنهنجي آپريشن ۽ مينٽيننس جي خرچن کي مڪمل طور تي پاڻ ڀرو ڪري ورتو آهي، جيڪو سڌارن واري پروگرام تحت هڪ وڏو ادارتي سنگ ميل آهي. مراد عکي شاهه پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته رٿا ۾ شامل سمورن ادارن جي وچ ۾ مسلسل رابطي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو باقي فني ڪم نظرثاني ٿيل وقت اندر مڪمل ٿيڻ گهرجن. ڪنهن به قسم جي دير ڪراچي جي پاڻي جي فراهمي جي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪرڻ جي وڏي مقصد کي متاثر ڪندي.وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي فور آگمينٽيشن لاءِ پروڪيورمينٽ جون سرگرميون هڪ اڳوڻي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. ورلڊ بئنڪ کان (اعتراض نه هجڻ جو سرٽيفڪيٽ) ملي ويو آهي، جڏهن ته پروجيڪٽ لاءِ اشتهار جلد شايع ٿيڻ جي اميد آهي. ملاقات ۾ ڪنسلٽنسي جي هائرنگ، پروجيڪٽ مينيجمينٽ جي انتظامن، جي آءِ ايس سرگرمين ۽ مستقبل جي سيڙپڪاري لاءِ گهربل فني اڀياسن جي تياري جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.ان موقعي تي ڳالهائيندي ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڻي جي شعبي جي سڌارن لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم کي ساراهيو ۽ عملدرآمد جي چئلينجن جي باوجود ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي تحت حاصل ڪيل اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو. هن چيو ورلڊ بئنڪ ڪراچي لاءِ پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي پائيدار خدمتن جي فراهمي ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪي ڊبليو اينڊ ايس سي جي مدد لاءِ پرعزم آهي. پروجيڪٽ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڌارن، تحفظات، گورننس ۽ وقت تي عملدرآمد تي مسلسل ڌيان ڏيڻ انتهائي اهم هوندو. هن اداراتي سڌارن، پروجيڪٽ جي عملدرآمد، سروس جي فراهمي ۾ بهتري ۽ ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي ٽو تحت مستقبل جي سيڙپڪاري جي رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات جي پڄاڻي ڪندي وڏي وزير سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي هدايت ڪئي ته اهي طئي ٿيل وقت جي پابندين تي سختي سان عمل ڪن، ادارن جي وچ ۾ رابطي کي مضبوط ڪن ۽ يقيني بڻائين ته پروجيڪٽ جا فائدا شهرين تائين بنا دير پهچن. مراد علي شاهه چيو ڪراچي جي وڌندڙ آبادي کي مضبوط ۽ جديد پاڻي جي بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي. اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته پاڻي جي فراهمي، صفائي سٿرائي ۽ پبلڪ سروس جي فراهمي ۾ مستقل بهتري آڻي سگهجي. حڪومت انهن سڌارن جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪمل مدد فراهم ڪندي رهندي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ وزير بلديات ناصر حسين شاھ، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، بلال ميمڻ، اي سي ايس بلديات وسيم شمشاد، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن احمد صديقي، چيف فارن ايڊ پي اينڊ ڊي ساجده اياز قاضي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں